واشنگٽن -12 سيپٽمبر (اي پي پي) ??مر??ڪا ۾ مقرر پاڪستان جي سفير مسعود خان پاڪستاني ڄائي امريڪي ڪاروباري ماڻهن تي زور ڀريو آهي ته هو مڪمل اعتماد سان پنهنجي ملڪ ۾ سيڙپڪا??ي ڪن. سفارتخاني طرفان جاري پريس رليز مطابق هن ??مر??ڪي رياست ٽيڪساس جي شهر ڊالاس ۾ پاڪستاني ??مر??ڪن بزنس فورم (پي اي بي ايف) جي سالياني ايوارڊ بينڪوئٽ 2023ع جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته اسان ??مر??ڪا ۽ نار خطي جي ڪاروباري ماڻه?? کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏئي رهيا آهيون. چين پهرين ئي سي پيڪ تحت منصوبن ذريعي سيڙپڪا??ي ڪري رهيو آهي. هن جو چوڻ هو ته اسان نار خط?? کي صنعتي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيون ٿا ۽ هو ڪيترن ئي يورپي ۽ اتر ??مر??ڪي فرمز سان شراڪتدا??ي ڪري رهيا آهن. جنهن سان پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جو هڪ تمام وڏو موقعو فراهم ٿي رهيو آهي ڇو ته اتي سيڙپڪاري لاءِ بنيادي ڍانچو موجود آهي ان لاءِ هن مارڪيٽ ۾ قدم رکو ۽ پوئتي هٽڻ بجاءِ مڪمل اعتماد سان سيڙپاڪ??ي ڪيو، پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ تيار آهي. هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته 80 ??مر??ڪي ڪاروباري ادارن جي موجودگي سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ اڳ ئي وسيع انفراسٽرڪچر موجود آهي ۽ توها?? کي سيرپڪاري جي پيماني کي وڌائڻو آهي، پاسڪتان ۾ ان لاءِ ڪافي موقعا موجود آهن. هن پاڪستاني ڄائي ??مر??ڪي برادري کي اڻٽٽ حمايت کي ياد ڪندي چيو ته برادري هميشه پاڪستان سان بيٺل رهي آهي ۽ هو پنهنجي سيرپڪاري ۽ هاڪاري شراڪت سان پاڪسان ۽ ان جي معيشت جي حمايت جاري رکندي.
پاڪستان ڄائي امريڪي واپاري برادري مڪمل اعتماد سان پنهنجي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪري: سفير مسعود خان
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ