واشنگٽن -12 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي دفاع واري وزير لائيڊ آسٽن وچ اوڀر ۾ هڪ گائيڊڊ ميزائيل آبدوز موڪلڻ ۽ تباهي پکيڙيندڙ سامونڊي جهاز يو اي?? ايس ابراهم لنڪن کي به علائقي ۾ فوري طور روانو ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. پرڏ??هي خابرو اداري مطابق آمريڪي دفاع واري وزير پنهنجي بيان ۾ ان ??از?? اڳڀرائي بابت ٻڌايو ته لائيڊ آسٽن اهو حڪم اسرائيلي دفاع واري وزير يووگيلنٽ سان ڳالهين کان پوءِ جاري ڪيو آهي. سوشل ميڊيا تي آمريڪي فوج جي پوسٽ مطابق ايٽمي آبدوز يو اي?? ايس جارجيا جولاءِ ۾ رومي سمنڊ ۾ اڳ کان موجود آهي. آمريڪي دفاع واري وزير جي پنهنجي اسرائيلي هم منصب سان ڳالهين کان پوءِ پينٽاگون بيان ۾ چيو آهي، ته دفاعي سربراه?? ابراهم لنڪن اسٽرائيڪ گروپ کي علائقي ۾ فوري مقرري جو حڪم ڏنو آهي. پينٽاگون جي پريس سيڪريٽري ميجر جنرل پيٽ رائيڊر چيو ته لائيڊ آسٽن اسرائيل جي دفاع لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي آمريڪي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ وڌندڙ علائقائي ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوجي طاقت جي پوزيشن ۽ صلاحيتن جو جائزو ورتو.
آمريڪي دفاع واري وزير طرفان وچ اوڀر ۾ گائيڊڊ ميزائيل آبدوز ۽ تباهي آڻيندڙ سامونڊي جهاز کي فوري موڪلڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : رومن دولت