اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??واز شريف پاڪستان نيوي وارشپ ٽينڪر فليٽ جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت جي لاءِ سڀاڻي جمعي تي ڪراچي جو دورو ڪندو. اها تقريب ڪراچي شپ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس ۾ ٿيندي. 17 هزار ٽن وزني فليٽ ٽينڪر دفاعي پيداوار واري وزارت ۽ پاڪ بحريه تحت ترڪيءَ جي ميسرز ايس ??ي ايم جي حصيداري سان تعمير ڪئي وئي آهي، پاڪستان نيوي فليٽ ٽينڪر پاڪ بحريه جي لاجسٽڪ ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندي. وزيراعظم آ??يس پاران جاري بيان موجب اها فليٽ ٽينڪر برادر ترڪيءَ سان وسيع تر تعاون ۽ پاڻڀرائپ جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن جو هڪ اهم مثال آهي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری