اسڪردو – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي نيشنل ه??ءِ وي اٿارٽي جي چيئرمين شاهد اشرف تارڙ گلگت، اسڪردو، جگلوٽ روڊ ۽ اترين علائقن ۾ روڊن جي ٻين منصوبن جي باري ۾ به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي گلگت بلتستان جو گورنر مير غضنفر علي ۽ وڏو وزير حافظ حفيظ الرحمان، گلگت بلتستان ڪائونسل جا ميمبر، مواصلات وارو وفاقي وزير حافظ عبدالڪريم، مواصلات وارو مملڪتي وزير جنيد انوار چوڌري، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير چوڌري برجيس طاهر به موجود هئا. اين ايڇ اي جي چيئرمين بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته جگلوٽ اسڪردو ر??ڊ تي باقاعده ڪم جو آغاز ٿي ??ڪو آهي، هن خاطري ڏياري ته اهو ر??ڊ پنهنجي مقرر مد?? ۾ ??ڪمل ٿي ويندو، هن اترين علائقن خاص طور گلگت بلتستان ۾ روڊن جي مختلف ٻين منصوبن تي به روشني وڌي.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ