ڪراچي – 28 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر محمد زبير سان اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ۽ صلاحڪار مصدق ملڪ گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اظهار راءِ، صحافت جي آزادي، عوامي ڀلائي جي منصوبن جي تشهير، معاشي خوشحالي ۾ ميڊيار جي ڪر??ار سميت اهميت وارن ٻين معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر هائوس پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ان موقعي تي سنڌ جي گورنر چيو ته امن امان قائم ڪرڻ کانپوءِ صوبي ۾ سيڙپڪاري، صنعتي، ڪاروباري، وا??اري، سماجي، ثقافتي ۽ ٻين مثبت سرگرمين ۾ تسلسل سان اضافو ٿي رهيو آهي، ڪر??چي هڪ ڀيرو ٻيهر روشنين جو شهر بڻجي ويو آهي جتي رات دير تائين وا??اري، ڪاروباري، سماجي ۽ ٻيون سرگرميون جاري رهن ٿيون، وفاقي حڪومت جي قدمن سبب صوبي ۾ ترقياتي ڪم تيزي سان جاري آهن جنهن سان عوام جي زندگي جو معيار پڻ بلند ٿي رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا