اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان هڪ جمهوري جدوجهد جي ذر??عي وجود ۾ آيو ان جي بقاءُ سلامتي، يڪجهتي، ترقي ۽ خوشحالي جو راز به جمهوريت ۾ ئي لڪل آهي، آئين جي سربلندي ۽ قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ کانسواءِ ڪامياب نٿا ٿي سگهون، هن اها ڳالهه پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو اڄ جمعي ڏينهن قومي جوش ۽ جذ??ي سان ملهايو پيو وڃي، وزيراعظم چيو ??ه اڄ جو ڏينهن 78 سال پهرين جي ان عظيم ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو جڏهن ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن غلامي جون زنجيرون ٽوڙڻ ۽ هڪ آزاد مسلمان رياست قائم ڪرڻ جو پرعزم فيصلو ڪيو هو، هن چيو ??ه اڄوڪي ڏينهن لاهور جي تاريخي اجلاس ۾ مسلم ليگ قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت ۾ اها تاريخ ساز قراداد منظور ڪئي وئي جيڪا بعد ?? قرارداد پاڪستان جي نالي سان مشهور ٿي، ان قرارداد منزل جو واضح شعور ڏنو ۽ صرف 7 سالن کانپوءِ پاڪستان وجود ۾ اچي ويو.
وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada