اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين ملڪ ۾ عدم برداشت ۽ عدم رواداري جي وڌندڙ رجحا?? تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ??هو رويو ملڪ جي لاءِ تباهي آڻيندڙ ثابت ٿيندو جنهن جي خراب اثرن کان انفرادي ۽ اجتماعي طور تي ڪير به بچي ??ه سگهندو ۽ دهشتگردي جي خلاف قوم جون ڪاميابيون به ناڪامي ۾ بدلجي سگهن ٿيون. صدر اها ڳالهه ملڪ ۾ عدم برداشت جي وڌندڙ رجحا?? تي ڏک جو اظهار ڪندي چئي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته ??ڄ آئون انتهائي ڏکويل دل سان پنهنجي قوم کي مخاطب آهيان. آئون محسوس ڪريان ٿو ته ملڪ ۾ عدم برداشت جو جيڪو رجحان شدت پڪڙي ر??يو آهي، قوم خاص طور تي نوجوانن کي ان جي تباهي کان خبردار نه ڪيو ويو ۽ ان جي ر??ڪٿام جي لاءِ پاڪستان حڪومت سان گڏ معاشري جي سمورن طبقن مڪمل هڪ جهڙائي سان تعاون نه ڪيو ته ??ن جا نتيجا انتهائي خوفناڪ هوندا.
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات