اسلام آباد – 23 مئي (اي پي پي) گهرو وزير احسن اقبال مدينه انسٽيٽيو?? آف ليڊر شپ طرفان اقامي جو سرٽيفڪيٽ ايوان ۾ پيش ڪندي چيو آهي ته مدينه منوره جي هڪ ناليواري اداري طرفان منهنجي ميمبرشپ هن ايوان ۽ ملڪ جي لاءِ اعزاز جي ڳالهه هجڻ گهرجي، مون تي ال??ام لڳائيندڙن کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي، ڪنهن کي واجب ??لقتل قرار ڏيڻ جو حق ڪنهن فرد، معاشري يا گروهه کي حاصل ناهي ، نه ان حوا??ي سان گهٽي، پاڙي ۾ فتويٰ ڏئي سگهجي ٿي، جهاد جو حڪم صرف رياست ڏئي سگهي ٿي، قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي گهرو وزير احسن اقبال چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته هڪ نئين زندگي وٺي هن ايوان ۾ ٻيهر بيٺل آهيان، 6 مئي تي هڪ جنوني منهنجي زندگي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي.
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ