اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نيشنل ڊيجيٽل ڪيبل پاليسي 2021ع تحت ڪيبل آپريٽرز کي نوان چينلز هلائڻ جي لاءِ سبسڪرپشن جي سهولت م??ندي. اها ڳالهه هن ڪيبل آپريٽرز ايس??سي??يشن آف پاڪستان جي وفد سان م??اقات دوران ڳالهائيندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته حڪومت نيشنل ڊيجيٽل ڪيبل پاليسي 2021ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن تحت ڪيبل آپريٽرز جي لاءِ سبسڪرپشن ماڊل شروع ڪيو ويندو، ان ماڊل سان ڪيبل آپريٽرز کي نوان چينلز هلائڻ جي لاءِ سبسڪرپشن جي سهولت م??ندي. هن وقت اسان جي گهرن ۾ اينالاگ ڪيبل اچي رهي آهي جنهن جي ڪوالٽي نه هجڻ جي برابر آهي جڏهن ته ان ۾ چينلز جو انگ به گهٽ آهي. ڪيبل کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ کانپوءِ چينلز جي ريٽنگ ۾ پڻ شفافيت سان گڏوگڏ چينلز جي انگ ۾ پڻ اضافو ٿيندو. سبسڪرپشن ماڊل جي فراهمي سان ڪيبل آپريٽرز کي مقامي ۽ عالمي مواد خريد ڪرڻ ۽ هلائڻ جي اجازت هوندي. هن چيو ته ڪيبل آپريٽرز کي ڪامياب جوان پروگرام تحت قرض ڏنا ويندا جنهن سان انهن کي ڊيجيٽل باڪس خريد ڪرڻ ۾ سهولت م??ندي ۽ اها رقم اهي صارفين کان وصول ڪري پنهنجي قرض جي رقم واپس ڪري سگهندا. ڪيبل آپريٽرز ايس??سي??يشن جي وفد اطلاعات واري وفاقي وزير کي پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪيبل آپريٽرز ايس??سي??يشن جا مسئلا غور سان ٻڌا ۽ انهن جي حل جي خ??طر?? ڪرائي. ڪيبل آپريٽرز ايس??سي??يشن آف پاڪستان جي وفد ۾ ايس??سي??يشن جو چيئرمين عرفان علي کوسو، صدر راجا اسد علي خان، جنرل سيڪريٽري غفران مجتبيٰ، سيڪريٽري اطلاعات م??ڪ معظم سلطان، ڪيبل آپريٽرز ايس??سي??يشن سنڌ جو صدر محمد اسماعيل جتوئي، ڊويزنل صدر خيرپور ذوالفقار جوڻيجو، ڏکڻ پنجاب جو صدر الياس وڙائچ، حافظ آباد مان م??ڪ محمد وزير اعواڻ، حسن ابدال مان راجا عامر، ڪيبل آپريٽرز ايس??سي??يشن خيبرپختونخواهه جو صدر فرقان آفريدي، ڪيبل آپريٽرز ايس??سي??يشن ڪراچي جو خزانچي سعيد شاهه، سکر مان عبدالمقيم کوسو، سکر مان نويد ابڙو ۽ اسلام آباد مان ز??هد ڀٽي شامل هئا.
نيشنل ڊيجيٽل ڪيبل پاليسي 2021ع تحت ڪيبل آپريٽرز کي نوان چينلز هلائڻ جي لاءِ سبسڪرپشن جي سهولت ملندي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی