پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ وڻڪاري انتهائي اهم آهي ۽ ان حوال?? سان ملڪ ۾ جار?? سانوڻي دوران ٻيلن جو دائرو وسيع ڪرڻ لاءِ موثر عوامي آگاهي مهم جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پ??اور جي دوري جي موقعي تي خصوصي بريفنگ دوران ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جو موسمياتي تبديلين بابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم، ماحوليات ۽ ٻيلن وارو صوبائي وزير سيد اشتياق ارمڙ ۽ خيبرپختونخوا جو ماحوليات ۽ ٻيلن وارو سيڪريٽري اسلام زيب خان به موجود هئا. وزيراعظم عمران خان ان موقعي ت?? سانوڻي جي وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ هڪ ٻوٽو به پوکيو. وزيراعظم عمران خان چيو ت?? ملڪ ۾ سانوڻي دوران وڻڪاري لاءِ عوام جي آگاهي جي غرض سان موثر مهم شروع ڪئي وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ علائقن کي ٻيلن جي دائري ۾ آڻي سگهجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي فليگ شپ 10 بلين ٽري فار اسٽيشن پ??اجيڪٽ تحت پوکيل ٻيلن جي وڊيوز اپ لوڊ ڪرڻ لاءِ خصوصي ويب سائيٽ لانچ ڪرڻ گهرجي ته جئين عام ماڻه?? حڪومت جي ڄاڻايل منصو??ي جي افاديت کان باخبر ٿي سگهن. هن چيو ته 10 بلين ٽري فار اسٽيشن پ??اجيڪٽ تحت پوکيل ٻيلن تي خصوصي دستاويزي فلمون ٽي وي تي ٽيلي ڪاسٽ ڪيون وڃن ۽ سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪيون وڃن ته جيئن عوام ک?? سانوڻي دوران وڏي پئماني تي ٻوٽا پوکڻ جي ترغيب ملي. هن چيو ته اها حقيقت يقيني طور تي عام ماڻهن کي وڻڪاري تي آماده ڪندي ته هڪ زمين جيڪا پنج سال پهرين بنجر هئي اڄ حڪومتي ڪوششن ۽ جدوجهد سان سرسبز ۽ شاداب بڻائي وئي آهي، هن چيو ته گرين پ??ڪستان مهم تحت کنيل قدم، ٻيلن جي وڊيو اپ لوڊ ڪرڻ يقيني طور تي عوام کي پنهنجي ذميدارين تي وڌ کان وڌ ٻوٽا پوکڻ جي ترغيب ڏيندو. ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان کي جار?? سانوڻي مند دوران وڻڪاري مهم ۽ پاڪستان ۾ اربين وڻ پوکڻ جي منصو??ي جي ڪاميابين جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته صحافين لاءِ جلد ئي هيلي ڪاپٽر جي ذريعي فضائي دوري جو اهتمام ڪيو ويندو جنهن دوران کين چترال ۽ باجوڙ سميت انهن سمورن ماڳن جو دورو ڪرايو ويندو جتي حڪومتي منصوبي تحت وڻڪاري ڪئي وئي آهي، وزيراعظم عمران خان کي ٻڌايو ويو ته 10 بلين ٽري فار اسٽيشن پ??اجيڪٽ تحت لڳايل ٻيلن ۽ ٻوٽن جي مشهوري لاءِ هڪ ويب سائيٽ به لانچ ڪئي وئي آهي.
موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ وڻڪاري انتهائي اهم آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری