اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو آهي ته موجوده حڪومت ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو آهي، پاڪستان پاران پيش ڪيل ڊوزيئرز سان ڀارت جو مڪروه چهرو بي نقاب ٿيو، گڏيل قومن جي ??يڪريٽري جنرل ۽ ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن پاڪستان جي موقف ۽ ڪشميرين جي ??ودمختياري واري حق جي ??مايت ڪئي، عالمي برادري ڀارت تي 5 آگسٽ 2019ع تي ڪيل قدمن واپس وٺڻ لاءِ دٻاءُ وجهي. سينيٽ جي ??جلاس ۾ يوم يڪجهتي جي موقعي تي غير قانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ??ازي صورتحال کي بحث هيٺ آڻڻ جي ??ٿ تي بحث ?? حصو وٺندي سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو ته قوم 5 فيبروري تي يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائي رهي آهي، ايوان مان ڪشميري ڀائرن کي يڪجهتي جو پيغام ويندو، پاڪستان ۽ ڪشمير جو جسم ۽ جان، انسانيت، محبت ۽ ڀائيچاري جو رشتو آهي، ڪشمير پاڪستان جي ??ه رڳ آهي، عالمي تڪرار جنهن جو حل ڪشميري عوام جي ??واهشن موجب خودمختياري واري حق کانسواءِ ناممڪن آهي،ڪشمير تي ڀارتي قبضي سان اڄ تائين ڀارتي ظلمن جاري آهن، 9 لک ڀارتي فوج موجود هجڻ جي ڪري ڪشمير جيل بڻجي چڪو آهي، ڪشميري نوجوانن، مائرن، ڀينرن قربانيون ڏئي آزادي جو علم بلند ڪري رکيو آهي، اها ڏاڍ ۽ واعدي خلافي جي ڊگهي تاريخ آهي، هن چيو ته ڀارتي آئين ۾ ڪشميرين جي ??ناخت برقرار رکڻ جو واعدو ڪيو ويو هو، ڪشميرين کان راءِ شماري جو واعدو به ڪيو ويو هو، نريندر مودي جي ??ڪومت ٺهڻ کانپوءِ ڪشمير ۾ نئين صورتحال پيدا ٿي، هن چيو ته 5 آگسٽ 370 ۽ 37 اي کي ڀارتي آئين مان حذف ڪيو وڃي ٿو، هندوتوا جي فلسفي تحت اسرائ??لي طرز تي ڪشمير ۾ هندوئن کي رهائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، 4.2 ملين ماڻهن کي غير قانوني ڊوميسائيل جاري ڪيا ??ڃن ٿا، ڪشميرين تي اهڙو ظلم ڪيو ويندو آهي جنهن تي انسانيت شرمائجي ويندي آهي، ڪشمير حريت اڳواڻن کي قيد ڪيو ويو، سيد علي گيلاني جي مڙهه سان ڀارتي سلوڪ انسانيت جي منهن تي چماٽ آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت ڪشميرين سان يڪجهتي جو پيغام ڏنو، وزيراعظم ڪشمير جو سفير بڻجي ڏيکاريو، هن گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي ۾ ڪشمير جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو. قائدايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو ته وزيراعظم عمران خان عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن دوران ان تڪرار کي هر فورم تي اٿاريو، او آءِ سي جي ??صوصي اجلاس ۾ به ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪيو ويو، پرڏيهي وزير ڪشمير مسئلي کي ڀرپور انداز ۾ عالمي سطح کنيو، پاڪستان پاران پيش ڪيل ڊوزيئر سان ڀارت جو مڪروه چهرو بي نقاب ٿيو، ڀارت تنهائي جو شڪار آهي، ڪشمير مسئلو هن وقت عالمي مسئلو بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي ??يڪريٽري جنرل ۽ ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن پاڪستان جي موقف ۽ ڪشميرين جي ??ودمختياري واري حق جي ??مايت ڪئي. هن چيو ته فيڪٽ فائنڊنگ مشن والاريل ڪشمير ۾ به وڃي، رسل ٽربيونل آن وار ڪرائم پنهنجي ??پورٽ ۾ ڀارت کي نسل ڪشي جو ذميدار قرار ڏنو آهي، ڀارتي اڳواڻ به مودي جي پرڏيهي پاليسي جي ناڪامي جو اعتراف ڪري رهيا آهن، هن چيو ته ڪسمير مسئلي ۽ سرحدي تڪرارن سان پاڪستان ۽ چين جو تعلق آهي، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي سمجهڻ گهرجي ??ه ظلم جي ??ات ڊگهي ٿي سگهي ٿي پر آزادي جو سج ضرور اڀرندو، هن چيو ته ڀارت ظلمن جي ??ريعي ڪشميرين جي ??زادي جي ??دوجهد کي دٻائي نٿو سگهي، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع ج?? غير قانوني قدمن واپس وٺي، دنيا ??الاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم روڪڻ لاءِ قدم کڻي. جعلي ڊوميسائيل کي رد ڪيو وڇي، ڪشميرين جي ??ودمختياري واري حق کي يقيني بڻايو وڃي، مودي کي جنگي ڏوهن تي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻندو وڃي.
موجوده حڪومت ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو آهي: ڊاڪٽر شهزاد وسيم
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا