اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) جي 17 هدفن مان 60 سيڪڙو تي عملدرآمد ۾ مقامي حڪومتن جو اهم ڪردار آهي، اسان جي سياسي نظام ۾ بنيادي ڍانچو مقامي حڪومتن ج?? آهي، هڪ مضبوط بلديا??ي نظام ضروري آهي ا?? سان نه رڳو گورننس ۾ بهتري ا??ندي پر هيٺئين قيادت پڻ سامهون ايندي، خيبرپختون??وا??ه ۾ هڪ ڪامياب بلديا??ي نظام متعارف ڪرايو وي?? آهي، هاڻي پنجاب ۾ نئين بلديا??ي نظام طرف وڃي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايس ڊي جيز ٽاسڪ فورس جي صلاحيت کي وڌائڻ جي تربيتي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ا??س ڊي جيز نيشنل ٽاسڪ فورس جو ڪنوينر رياض فتيانه، گلگت بلتستان اسيمبلي جو اسپيڪر امجد علي زيدي ۽ هيڊ آف يورپي يونين اووائڊيو ميڪ موجود هئا جڏهن ته تربيتي ورڪشاپ ۾ گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جي ميمبرن شرڪت ڪئي. مملڪتي وزير فرخ حبيب پنهنجي خطاب ۾ چيو ته قومي صحت سهولت پروگرام جي ذريعي هر شخص کي 10 لک رپين تائين علاج جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، پرائيويٽ اسپتالن ۾ به نئين شعبن ۽ بيڊز جو انگ وڌايو پيو وڃي، هيستائين 20 لک ماڻهن صحت انصاف ڪارڊ مان فائدو حاصل ڪيو جن جا 46 ارب رپين جا ڪليمز ٿي چڪا آهن. هن چيو ته ايس ڊي جيز تحت رڪارڊ ترقياتي پروگرام ڪرايا ويا، پنجاب ۾ ترقياتي ڪمن جي لاءِ 740 ارب رپيا رکيا ويا آهن، اين ايف سي سان گڏوگڏ صوبائي فنانس ڪميشن پڻ اهم آهي، پنجاب ۾ 369 ارب کان ڊسٽرڪٽ ڊيولپمينٽ پروگرام تي ڪم جاري آهي، حڪومت پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) جي 17 گولز تي سنجيدگي سان عمل ڪري رهي آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪامياب جوان پروگرام کانپوءِ ڪامياب پاڪستان پروگرام متعارف ڪرائي رهيا آهيون جنهن تحت 5 لک رپين تائين بنا وياج قرض فراهم ڪيو پيو وڃي، پهريون ڀيرو محروم طبقن کي ڇت جي فراهمي جي لاءِ مورگيج سسٽم آند?? آهي، گهٽ آمدني گهرن جي لاءِ آسان قرض ڏنا پيا وڃن، هيستائين 250 ارب رپيا قرض جون درخواستون مليون آهن جن مان 130 ارب جو قرض منطور ۽ 45 ارب فراهم ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته پهريون ڀيرو اتفاق راءِ سان هڪ جهڙو نصاب متعارف ڪرايو وي?? آهي. ان جو مقصد تعليم جي شعبي ۾ فرق کي ختم ڪرڻ آهي. پنجاب ۾ اسڪولن جي ا?? گريڊيشن، نئين يونيورسٽين ۽ ڪاليجز جو قيام عمل ۾ آندو وي?? آهي. ساليانو 50 هزار اسڪالرشپس ڏنيون پيون وڃن، 10 ارب رپين سان اسڪلز فار آل پروگرام پڻ جاري آهي.
پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) جي 17 هدفن مان 60 سيڪڙو تي عملدرآمد ۾ مقامي حڪومتن جو اهم ڪردار آهي: مملڪتي وزير فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina