اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عالمي سطح تي سوشل مي??يا جي هر ڪنهن جي سوچ کي متاثر ڪرڻ جي ڏس ۾ نوجوانن جي فڪري قوت کي مضبوط ڪرڻ ??رو??ي آهي ته جيئن هو جعلي خ??رن جي جانچ ڪري سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن رفاه انسٽيٽيوٽ آف مي??يا سائنسز جي اهتمام هيٺ ”ڊجيٽل ٽرانسفارميشن: مي??يا جي سياسي معيشت“ جي موضوع تي هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ان موضوع تي بحث کي فروغ ڏيڻ لاءِ اسڪولن ۾ ڪميٽيون جوڙڻ تي به زور ڏنو. هڪ آمريڪي جريدي جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي صدر چيو ته 14 سالن جا نوجوان جعلي خ??رن جو وڌيڪ شڪار ٿيندا آهن ان لاءِ ٻارن جي 14 سالن جي عمر تائين پهچڻ کان پهرين ئي روڪٿام جون ڪوششون ڪرڻ ??رو??ي آهي. هن چيو ته ترقي پسند پاڪستان کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي پئماني تي اهڙين ئي ڪوششن جي ??رو??ت آهي، هن چيو ته قابل اعتراض مواد کي بلاڪ ڪرڻ ڪو حل نٿو ٿي سگهي ان لاءِ حڪومت ۽ تعليمي ادارا ماڻهن کي صحيح ۽ غلط ۾ فرق سمجهڻ جي قابل بڻائين. ڪلائنٽس جي خاطر مي??يا ڪمپنين ويب جي ذريعي تجزيه جي بنياد تي صارفين کي ڄاڻايل مواد فراهم ڪيو جنهن سان هر ڪنهن کي خاص طور تي نوجوانن تائين ناپسنديده مواد جي پهچ جا خطرا درپيش ٿي ويا، ان ٽڪنيڪ کي سموريون سوشل مي??يا ڪمپنيون استعمال ڪري رهيون آهن. هن چيو ته هر قدامت پسند معاشره سوشل مي??يا جي مواد کي ڪنٽرول ڪرڻ چاهي ٿو ته جيئن معاشري تي ان جي اثرن کي روڪي سگهجي تنهن هوندي اهو مسئلي جو حل نه آهي، هن چيو ته ڪاروباري سببن جي ڪري مي??يا به معاشري جي اخلاقي تعمير تي ايترو ڌيان نٿي ڏي جيترو ??رو??ي آهي، هن چيو ته قرآن پاڪ پنهنجي پيروڪارن کي خ??رن تي يقين ڪرڻ کان پهرين تجزيو ڪرڻ جي تلقين به ڪئي آهي، عراق جي تباهي جو مثال سامهون آهي جتي صرف وڏي پئماني تي تباهي پکيڙيندڙ هٿيارن جي موجودگي جي جعلي خ??رن جي بنياد تي ڪارروائي ڪئي وئي. صدر عارف علوي چيو ته مسئلو وقت سان گڏ پيچيده ٿيندو پيو وڃي ڇو ته دنيا کي جنگين کان ڇوٽڪارو نه ملي رهيو آهي، ان جي لاءِ اخلاقي تربيت سان گڏوگڏ معاشري جي ??رو??تن کي نظر ۾ رکندي بحث ۽ مباحثي جي ??رو??ت آهي، هن چيو ته جيئن جيئن هيپٽڪ ۽ هولو گرافڪ ٽيڪنالاجيز ڏ??نه??ن ڏ??نه?? جديد ٿيندي پئي وڃي، ايندڙ 10 کان 15 سالن ۾ شيون انساني ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي وينديون، تقريب کي خطاب ڪندي رفاه انٽرنيشنل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ رحمت اللعالمين اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر انيس احمد چيو ته تفريح فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ مي??يا ڪردارسازي جو به ذميدار آهي، هن چيو ته ٻار مغربي مي??يا جي ذريعي فراهم ڪيل سوچ کان متاثر ٿي رهيا آهن جيڪو اسان جي معاشرتي اصولن جي مطابق نه آهي، هن چيو ته مي??يا تي نشر ٿيندڙ مواد جي منفي اثرن کي نظر ۾ رکندي مي??يا کي هڪ مثالي معاشري جي جوڙجڪ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
نوجوانن جي فڪري قوت کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا