اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان چيني ناظم الامور پينگ چنڪسو پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. مملڪتي وزير ان موقعي تي چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي لازوال اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان جي بني??دي مسئلن ۽ ترقي جي ڏس ۾ چين جي پراڻي حمايت کي ساراهيون ٿا. حنا رباني کر چيو ته پاڪستان بي آر آئي جي اهم منصوبي سي پيڪ جي رفتار ۾ تيزي آڻڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته سي پيڪ تحت خصوصي اقتص??دي زونز ۾ وڌندڙ چيني سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری