اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي تيز رفتار سماجي ۽ اقتصادي ترقي ??اء?? اڀرندڙ انفارميشن ٽيڪنالاجي ٽولز کي اختيار ڪرڻ جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نوجوانن ۽ انساني وسيلن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ سان ئي تيز رفتار ترقي ممڪن آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گلگت ۾ قراقرم انٽرنيشنل يونيورسٽي جي 10 هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نوجوانن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هنر سيکاري مختصر عرصي ۾ تيز رفتار سماجي ۽ اقتصادي ترقي حاصل ڪري سگهجي ٿي، عورتن کي معيشت جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ، مختلف پيشن ۾ نوڪريون فراهم ڪري مالي طور تي بااختيار بڻائڻ جي ضرورت آهي، صدر چيو ته عورتون تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ افرادي قوت جو حصو بڻجن ۽ ڪم ڪنديون رهن، رياست ۽ سماج عورتن جي تعليم تي تمام گهڻي سيڙپڪاري ڪئي آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جديد ترين آءِ ٽي ٽولز سان عورتن ??اء?? پارٽ ٽائم نوڪري ڪرڻ ۽ گهرن کان آن لائين خدمتون پيش ڪرڻ ممڪن ٿي ويو آهي، صدر چيو ته عورتن کي آسان شرطن تي ڪاروباري قرض فراهم ڪيا ويا آهن، ڪاروباري قرضن مان فائدو کڻندڙ عورتن جو تعداد وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته 80ع ۽ 90ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان پنهنجي بهترين انساني وسيلن کي ٻاهرين ملڪ برآمد ڪيو، بهترين انساني وسيلن جي برآمد سان ملڪ ۾ قابل ۽ ه??رم??د انساني وسيلن جي کوٽ واقع ٿي، ملڪ ۾ ه??رم??د انساني وسيلا برقرار رکڻ ??اء?? سازگار حالتون پيدا ڪيون وڃن، صدر نوجوانن تي زور ڏنو ته هو نتيجا خيز پيشيوراڻي زندگي ??اء?? علم ۽ هنر سان اعليٰ اخلاقي قدر ۽ معيار اختيار ڪن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته غير تعليم يافته غير ه??رم??د آبادي کي علم ۽ هنر فراهم ڪري قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ معاشري جي تعليم يافت?? طبقن جي اضافي ذميداري آهي. صدر چيو ته ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ ??اء?? نوجوان نسل جو ڪردار سڀني کان اهم آهي، پاڪستاني زندگي جي هر شعبي ۾ ماهر پيدا ڪيا آهن جيڪي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اسان دهشتگردي جو ڄمي مقابلو ڪيو ۽ 40 لک پناهگيرن کي 40 سالن تائين پناهه ڏ??ي آهي، هن چيو ته گلگت بلتستان معدني وسيلن سان مالا مال آهي، ضرروت ان ڳالهه جي آهي ته ان شعبي ۾ ماهر پيدا ڪيا وڃن ته جيئن ان دولت کي ملڪي ترقي ??اء?? استعمال ۾ آڻي سگهجي. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي پوزيشن هولڊرز ۾ ميڊلز ورهايا.
نوجوانن ۽ انساني وسيلن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ سان ئي تيز رفتار ترقي ممڪن آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر