اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي لاءِ وزيراعظم جي صلاحڪار قمر زمان ڪائره ملا??ات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق پڻ ان موقعي تي موجود هو. ملا??ات ۾ وزيراعظم کي آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي مختلف انتظامي، مالياتي ۽ ترقياتي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کيس هدايت ڪئي ته هو پلاننگ ڪميشن ۽ ناڻي واري وزارت جي عملدارن سان گڏجي سمورن حل طلب معامل?? کي جلد کان جلد اڪلائي. هن ان سلسلي ۾ سمورن موجود وسيل?? کي ڀرپور انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ ??ي هدايت ڪئي. ملا??ات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ