اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته غريب ۽ پيڙهيل طب??ي کي وڏو ريليف ڏين جو فيصلو ڪيو آهي، ضرورت جي 5 بنيادي شين کي ايندڙ مالي سال جي لاءِ گهٽ اگهن تي فراهم ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي، ڄاڻايل سبسڊي ??وٽ??لٽي اسٽورز جي ذريعي پوري ملڪ ۾ غريب ۽ پيڙهيل طب??ي کي فراهم ڪئي ويندي. اهو فيصلو وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ??وٽ??لٽي اسٽورز جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن مفتاح اسماعيل، مخدوم مرتضيٰ محمود ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اٽي، کنڊ، گيهه/ کاڄرو تيل، دالين ۽ چانور جي بازار کان گهٽ اگهه تي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. وزيراعظم ڪراچي ۾ ??وٽ??لٽي اسٽورز جي نيٽ ورڪ ۾ توسيع جي پڻ منظوري ڏني. هن چيو ته ڪراچي ۾ يوِٽيلٽي اسٽورز جو گهٽ انگ ڪنهن به صورت ۾ منظور نه آهي. هن هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ ??وٽ??لٽي اسٽورز جي انگ ۾ اضافي جو ٺوس منصوبو ٻن هفتن ۾ پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته پٺتي پيل طب??ي کي هن وقت ريليف جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي، پيڙهيل طب??ي جي ريليف جي لاءِ حڪومت هر قيمت خرچ ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، پيڙهيل طب??ي کي ضرورت جي شين تي ريليف حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم سبسڊي جو نظام شفاف ۽ ڊيجيٽل بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته مختلف قسم جي سبسڊيون گڏ ڪري هڪ ٺوس نظام بڻايو وڃي ۽ خصوصي طور تي پيڙهيل طب??ي کي ريليف جي فراهمي ۾ ترجيح ڏني وڃي. وزيراعظم سبسڊي جي نظام ۾ سڌارن جي لاءِ ناڻي، وفاقي وزير، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير ۽ عربت جي خاتمي واري وفاقي وزير کي تعاون سان حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ??وٽ??لٽي اسٽورز تي ڏني ويندڙ سبسڊي، پيڙهيل طب??ي کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي، ??وٽ??لٽي اسٽورز جي سڄي ملڪ ۾ انگ ۾ واڌ ۽ خيبرپختون??وا??ه ۾ وزيراعظم جي ويزن تحت سستي اٽي جي فراهمي جي پروگرام تي اڳڀرائي کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ??وٽ??لٽي اسٽورز ڪارپوريشن ملڪ ۾ هن وقت 3822 اسٽورز کي سڌوسنئون ۽ 1380 فرنچائيز هلائي رهيو آهي جڏهن ته 30 جولاءِ تائين بلوچستان، سنڌ، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ پنجاب م 300 کان وڌيڪ نوان اسٽورز ٺاهيا ويندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم شهباز شريف جي ريليف پئڪيج تحت هيستائين 11 ڪروڙ 30 لک مستحق ماڻهو فائدو کڻي چڪا آهن جن کي في ڪلواٽي تي 60 رپيا، کنڊ تي 21 رپيا، گيهه تي 250 رپيا جڏهن ته دالين ۽ چانور تي 15 – 20 رپيا ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏني وئي آهي، سبسڊي جو طريقيڪار ڊجيٽل آهي جڏهن ته نادرا ۽ غربت جي خاتمي واري وزارت جي ڊيٽا سان واڳيل آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته خيبرپختون??وا??ه صوبي ۾ 942 ??وٽ??لٽي اسٽورز تي سستي اٽي جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي 1000 نوان سيل پوائنٽس ۽ 200 موبائيل اسٽورز جو اضافو ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي بلوچستان جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته وزيراعظم شهباز شريف جي رمضان م دوري ۽ خصوصي هدايتن تحت بلوچستان ۾ ضرورت جي شين جي بازار کان رعايت تي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي جنهن جي لاءِ نه رڳو ??وٽ??لٽي اسٽورز پر موبائيل اسٽورز پڻ قائم ڪيا ويا اهن جن جي ڪري ڏورانهن علائقن تائين سبسڊي جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي. وزيراعظم خيبرپختون??وا??ه صوبي ۽ بلوچستان ۾ ??وٽ??لٽي اسٽورز جي قدمن کي ساراهيو ۽ ڊيجيٽل نظام تحت ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي فراهمي کي ساراهيو.
غريب ۽ پيڙهيل طبقي کي وڏو ريليف ڏين جو فيصلو ڪيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس