اسلام آباد – 17 211; ??ون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين ترڪ سفير کي سفير طور پنهنجو مدو ڪاميابي سان پورو ڪرڻ تي مبارڪون ڏيندي سندس نئين ذميدارين ??ي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان ترڪ سفير مصطفيٰ يرداڪل پارليامينٽ هائوس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي به ملاقات ۾ موجود هو، صادق سنجراڻي پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي سفير جي خدمتن کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۽ ترڪي جي واپار، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ٻطرفي لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ، مختلف علائقائي ۽ عالمي فورمن تي هڪٻئي ??ي حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، سينيٽ چيئرمين ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ گهرا لاڳاپا آهن، صادق سنجراڻي چيو ته پاڪ ترڪ لاڳاپن کي ٻنهي مل??ن جي گڏيل مفاد لاءِ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ واپار، آءِ ٽي ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو، ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي ترڪ سفير جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ترڪي پاڪستان جي دلين ۾ ڀائر مل?? ??ي حيثيت سان هڪ خصوصي مقام رکي ٿو، هن چيو ته عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، ترڪي جي سفير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن، هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي مل?? ٻطرفي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي ويندا.
سينيٽ چيئرمين پاران ترڪ سفير کي مدو ڪاميابي سان پورو ڪرڻ تي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : کڑک