اسلام آب??د ?? 02 – آگسٽ (اي پي پي) پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪشمي??ين جي خلاف ظالماڻا قدم مذمت جوڳا آهن، عالمي سطح تي ان تڪرار کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪرڻ ۽ دنيا جو ڌيان واديءَ ۾ ڪشميري عوام تي ??يل ظلمن طرف ڇڪرائڻ جي ل??ءِ هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين. 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪشمير مسئلو 75 سالن کان حل نه ٿي سگهيو، عالمي سطح تي ان تڪرار کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪرڻ ۽ دنيا جو ڌيان واديءَ ۾ ڪشمي??ين تي ??يل ظلمن طرف ڇڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ اسان آخري دم تائين اها ڪوشش جاري رکنداسين. هن چيو ته اسان جو اسلامي ۽ اخلاقي فرص بڻجي ٿو ته اسان مظلوم ڪشمي??ين جي ل??ءِ دنيا جي هر فورم تي نه رڳو آواز اٿاريون پر عالمي ضمير کي جنجهوڙڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪريون. خورشيد شاهه ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته معصوم ڪشمي??ين تي ??ارتي ظلمن جي انتها ٿي چڪي آهي، ان جي خاتمي ل??ءِ اسان کي انسانيت جي نالي تي عالمي برادري جي ضمير کي بيدار ڪرڻ ۽ تڪرار جي پائيدار ۽ پرامن حل جي ل??ءِ ننهن چوٽي جو زور لڳائڻو پوندو. هن چيو ته ڪشمي??ين جو موثر آواز بڻجڻ جي ل??ءِ اسان کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جهڙو طرز عمل اختيار ڪرڻو پوندو.
ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا: وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena