اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد مظلو?? ڪشميرين جي آواز کي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهچائڻ جي لاءِ ٺوس معاون نظام جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ميڊيا کي مظلو?? ڪشميرين جو آواز بڻجڻ گهرجي ۽ ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جي جيڪا بازار گرم ڪري رکي آهي، دنيا کي ان کان آگاهه ڪرڻ گهرجي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذميواري آهي ته اها ڪشميرين جي پيغام کي هر ممڪن دستياب فورم تي اٿاري. هو استحصال ڏهاڙي کي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اي??ڊ پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ پاڪ چائنا سينٽر ۾ ڊيجيٽل تصويري ۽ فن پارن جي نمائش جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. ڊي جي انفارميشن سروس اڪيڊمي، اي?? ڊي اي پي پي اختر منير، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اي پي پي عديله رباب ڪاظمي، ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اي??ڊ پبليڪيشنز جو ڊائريڪٽر آصف الرحمان ۽ ٻيا سينيئر آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ معصوم شهرين تي ڪيل ظلمن کي لڪائڻ ۽ ڪشميرين جي آواز کي دٻائڻ جي لاءِ ميڊيا تي پابنديون هڻي رکيون آهن ۽ سوشل ميڊيا کي به بند ڪري رکيو آهي، اهڙي صورت ۾ پاڪستان جي ميڊيا تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اها مظلو?? ڪشميرين جو آواز بڻجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪشميرين تي جاري ڀارتي ڏاڍ جي ح??الي سان اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذميواري آهي ته اهڙو ٺوس معاون نظام جوڙيو وڃي جنهن جي ذريعي مظلو?? ڪشميرين جو آواز دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پهچائي سگهجي. هن چيو ته ڪشميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ جا داستان ٻڌي لڱ ڪانڊراجي وڃن ٿا. هن يو ته ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ تي ڪيل ڪيس ۽ قيد جي صعوبتن ۽ انساني ح??ن جي پائمالين کي به اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ تي عوام کي رڳو احتجاج ئي نه ڪرڻ گهرجي پر ??ر پليٽ فارم تي ڪشميرين جو ڪيس موثر انداز ۾ وڙهڻ گهرجي. تقريب ۾ استحصال ڏهاڙي جي ح??الي سان 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي ح??ثيت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ آرٽيڪل 35 اي ۽ 370 جي خاتمي کانپوءِ ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلم ۽ ڪشمير ۾ ميڊيا جي آزادي تي پابندين جي ح??الي سان دستاويزي فلمون پيش ڪيون ويون جن ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي تاريخي پس منظر ۽ 5 آگسٽ جي ڀارت جي غيرقانوني قدمن ۽ انساني ح??ن جي خلاف ورزين کي اجاگر ڪيو ويو. اطلاعات واري سيڪريٽري ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ انهن دستاويزي فلمن جي تياري تي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اي??ڊ پبليڪيشنز کي ساراهيو. هن ڊائريڪٽوريٽ تي زور ڏنو ته هُو انهن دستاويزي فلمن جي ذريعي ڪشمير جو ڪيس دنيا آڏو پيش ڪرڻ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي تڪليفن ۽ مصيبتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سمورن دستياب پليٽ فارمز کي استعمال ۾ آڻي.
مظلوم ڪشميرين جي آواز کي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهچائڻ جي لاءِ ٺوس معاون نظام جوڙڻ جي ضرورت آهي: اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ