اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ جرمني جي سفير ايلفرڊ گراناس ڪالهه آچر ڏينهن پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبا??ڪب??د ڏيندي پنهنجي وڊيو پيغام پاڪستاني عوام کي ”جشن آزادي جون کوڙ ساريون مبارڪون“ چيو. هن چيو ته اڄ مون مختلف رستن جي ڪناري تي ڪيترائي خصوصي اسٽالز ڏٺا، مون رستي ڪناري بيهي پاڪستاني جهنڊو پنهنجي رهائشگاهه تي هڻڻ جي لاءِ خريد ڪيو. هن چيو ته آئون توهان سڀني سان گڏ توهان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جون خ??شيون ملهائڻ ۾ شريڪ آهيان. جرمن سفير وڌيڪ چيو ته مون پاڪستان ۾ تازو ئي ذم??واريون سنڀاليون آهن ۽ مون کي هتي اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. هن چيو ته آئون پاڪستاني عوام سان ملاقات جو سدائين خ??اهشمند رهيو آهيان ۽ پاڪستان ۽ جرمني کي ويجهو دوست ۽ اتحادي بڻائڻ جي حوالي سان گڏيل مفادن جي فروغ لاءِ پرعزم آهيان.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ