سرگوڌا – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سڄي ملڪ وانگر سرگوڌا ۾ به اڄ ڪاري ??ين??ن جي موقعي تي احتجاجي ريليون، مظاهرا ۽ ٻيون تقريبون منعقد ڪيون وينديون. ڊويزنل انتظاميا جي اهتمام هيٺ سيمينار آرٽس ڪائونسل ڪمپليڪس هال ۾ ٿيندو جن??ن جي صدارت ڪمشنر مريم خان ڪندي. سيمينار ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪيپٽن (ر) نديم ناصر کانسواء?? سرڪاري ادارن جي آفيسرن، شاگردن ۽ شاگردياڻين، امن ڪميٽي جي ميمبرن سميت زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي گهرايو ويو آهي. سيمينار ??ي پڄاڻي تي ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي قيادت ۾ ??ي پي او چوڪ تائين احتجاجي ريلي پڻ ڪڍي ويندي. ان ڏس ۾ سرگوڌا آرٽس ڪائونسل جي هال ۾ ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جي عڪاسي جي لاءِ تصويري نمائش پڻ لڳائي ويندي. ??ين??ن جي شروعات صبح جو مسجدن ۾ ڪشميري شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني ۽ ڪشمير جي آ??ادي جي لاءِ دعائن سان ٿيندي. سوشل ميڊيا، ڪيبل نيٽ ورڪ ۽ مقامي چينلز کانسواءِ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حوالي سان وڊيوز ۽ دستاويزي فلمون پڻ نشر ڪيون وينديون ۽ عوام ۾ ڪاري ??ين??ن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پمفليٽ پڻ ورهايا ويندا.
ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سڄي ملڪ وانگر سرگوڌا ۾ به ڪاري ڏينهن جي موقعي تي احتجاجي ريليون، مظاهرا ۽ ٻيون تقريبون منعقد ڪيون وينديون
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات