ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب ا??ار??ت جي ٻن ڏينهن ??ي دوري تي ابوظهبي پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب ابوظهبي جي هوائي اڏي تي گڏيل عرب ا??ار??ت جي اقتصادي معاملن واري وزير عبدالله طوق المري ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي آفيسرن وزيراعظم محمد شهباز شريف جو استقبال ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب ا??ار??ت جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪندو، جنهن ۾ ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ يو اي اي ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ بابت معاملا بحث هيٺ ايندا. ٻئي اڳواڻ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب ا??ار??ت جي وزيراعظم ۽ نائب صدر ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان به ملاقات ڪندو. ان موقعي تي وزيراعظم واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ ا??ار??ت?? واپارين ۽ سيڙپڪارن سان به ملاقاتون ڪندو.
وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي ٻن ڏينهن جي دوري تي ابوظهبي پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا