ڊيووس-20 جنوري (اي پ?? پي) ما??ولياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته دنيا کي هن وقت ما??ولياتي تبديليءَ سبب وڏا مسئلا سامهون آهن، جن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻي پ??ندي، پاڪستان ما??ولياتي تبديليءَ جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي پاڪستان پويلين جي شرڪت ??ندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير ملڪ ۾ قدرتي ما??ول جي تحفظ ۽ بحاليءَ جي منصوبن جي باري ۾ شرڪت ??ندڙن کي آگاهه ڪيو. هن موجوده حڪومت جي ليونگ انڊس منصوبي جي مول متن ۽ قدرتي ما??ول ۽ پاڻي وسيلن جي بحاليءَ جي حوالي سان ان جي فائدن جي باري ۾ پريزينٽشن ڏني. سينيٽر شيري رحمان پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن ۽ نئين سر بحاليءَ جي ڪوششن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن ان سلسلي ۾ عالمي برادريءَ جي تعاون ۽ حمايت کي ساراهيندي چيو ته ما??ولياتي تبديلي جي اثرن سبب پيدا ٿيل مسئلن کي مُنهن ڏيڻ هڪ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته پاڪستان ما??ولياتي تبديليءَ جي سببن جو ذميدار ناهي پر ان جي باوجود ان جي ناڪاري اثرن جو شڪار آهي. پاڪستان ما??ولياتي تبديلي جي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوششن جي سلسلي ۾ قدرتي ما??ول جي تحفظ ۽ هٿي وٺرائڻ جي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ عالمي سطح تي گڏيل قدمن جي ضرورت آهي ته جيئن ما??ولياتي لحاظ کا?? پائيداريت جي حاصلات جي ذريعي قدرتي آفتن جي نقصانن کي گهٽ ڪري سگهجي.
دنيا کي هن وقت ماحولياتي تبديليءَ سبب وڏا مسئلا سامهون آهن، جن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻي پوندي: سينيٽر شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال