اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۾ چين جي ??اظم الامور پانگ چنڪسو چيو آهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون پاڪستان ۽ چين جي ??طرفن لاڳاپن جو هڪ اهم حصو آهي، ٻنهي ملڪن ملڪ گڏيل طور تي 475 کان وڌيڪ تحقيقي منصوبن کي فنڊز فراهم ڪيا آهن، جن ۾ زراعت، ايرو اسپيس ۽ ڪيميائي صنعت به شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چين خلائي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تعاون جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته 1976ع ۾ ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ بين الحڪومتي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تعاون جي ??عاهدي تي صحيحن کانپوءِ شاندار نتيجا حاصل ٿيا آهن، ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ پاڻي وسيلن جي تحفظ، طبي ۽ صحت جي سارسنڀال، بائيو ٽيڪنالاجي، ڪمپيوٽر سائنس، ماحوليات، توانائي، موسميات، ارضيات ۽ ٽيڪنالاجي جي انتظام جي شعبن ۾ پڻ ڪيترن ئي منصوبن جي ??الي معاونت ڪئي وئي آهي. چين جي ??اظم الامور چيو ته اڄ هتي اسان چين جي خلائي اسٽيشن ۾ ڇهن مهينن کانپوءِ پاڪستاني ??دوياتي ٻوٽن جي ??جن کي حوالي ڪرڻ جي تقريب جي ??اءِ آيا آهيون. شينزو XIV خلائي جهاز گذريل سال جون ۾ هڪ سائنسي تجربو ڪرڻ جي ??اءِ خلا ۾ موڪليو ويو هو ۽ گذريل ڊسمبر ۾ حفاظت سان زمين تي واپس آيو، هي پهريون موقعو آهي جڏهن پاڪستاني ٻوٽا خلا ۾ موڪليا ويا، اهو تجربو يقيني ??ور تي چين پاڪستان دوستي جي تاريخ ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تعاون جي تاريخ ۾ لکيو ويندو. هن چيو ته ٻطرفي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تعاون کي پڻ پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي ??ريم ورڪ تحت شامل ڪيو ويو آهي جيڪو يقينن سي پيڪ جي اعليٰ معيار ۽ پائيدار ترقي جي ??ضبوط معاونت فراهم ڪندو. چين جي ??اظم الامور پانگ چنڪسو گڏيل ڪوششن تي ٻنهي ملڪن جي سائنسدانن جا ٿورا پڻ مڃيا. هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ??اري وزارت، ڪامسٽيڪ ۽ پاڪستان سائنس فائونڊيشن جي عهديدارن ۽ ڪامسٽيڪ جي ??يمبر ملڪن جي سفيرن ۽ نمائندن کي ان خصوصي موقعي جو مشاهدو ڪرڻ جي ??اءِ تقريب ۾ شرڪت تي ان جا ٿورا مڃيا. ناظم الامور چيو ته ٽي مهينا اڳ بيجنگ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات دوران چيني ??در شي جن پنگ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو هو ته چين پنهنجي ترقياتي حڪمت عملين ۽ پاڪستان جي ??چ ۾ هم آهنگي کي وڌيڪ سگهه ڏيندو. هن چيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي اڳو??ڻن جي ??چ ۾ طئي ٿيندڙ اتفاق راءِ کي عملي جامعو پارائڻ جو هڪ ٻيو واضح مثال اهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ نئين دور ۾ گڏيل مستقبل سان هڪ ويجهي چين پاڪستان ڪميونٽي جي تعمير جي ??اءِ پرعزم آهن.
سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون پاڪستان ۽ چين جي ٻطرفن لاڳاپن جو هڪ اهم حصو آهي: چين جو ناظم الامور پانگ چنڪسو
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا