اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) موسمياتي تبديلي بابت وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي، ته سامونڊي طوفان بائيپر جواءِ جي شدت ۾ گهٽتائي آئي آهي، ??ڏه?? ته ان سان واڳيل خطرا اڃا تائين برقرار آهن، ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي افراتفري ??ان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن. صورتحال کي نظر ۾ رکندي ماڻهن کي ان بابت لڳاتار آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي، خطري جي لپيٽ وارن علائقن مان ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ ۽ کين محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ رليف ڪيمپن سميت ضروري قدم شروع ڪيا ويا آهن. اهڙو اظهار هن اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سامونڊي طوفان بائيپر جواءِ جي شدت گهٽجي وئي آهي، ??ڏه?? ته ان سان واڳيل خطرا بدستور برقرار آهن. هن چيو ته طوفان غير متوقع طور رفتار ۽ رخ تبديل ڪري سگهي ٿو، ڀارت جي سمنڊ سان گڏوگڏ ان جو رخ پاڪستان جي سامونڊي علائقن ڏانهن به آهي، اسان کي افراتفري ??ان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته بائپر جواءِ انتهائي شديد طوفان تبديل ٿي ويو آهي جنهن جي سطح تي هوا جي رفتار 140 ??ان 150 ڪلوميٽر آهي ??ڏه?? ته ان جي مرڪز ۾ 170 ڪلوميٽرن جي رفتار آهي. طوفان ڪراچي ??ان 440 ڪلوميٽر ڏکڻ، ٺٽي ??ان 430 ڪلوميٽر ۽ اورماڙه ??ان 555 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ موجود آهي. هن چيو ته سامونڊي طوفان اڄ 14 جون جي صبح تائين اتر جي رخ ۾ ??ڏه?? ته بعد ۾ اوڀر طرف رخ تبديل ڪرڻ جو امڪان آهي. 15 جون تي منجهند جو انتهائي شديد طوفان جي صورت ۾ سنڌ جي ڏاکڻي اوڀرندي علائقي ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي گجرات جي سمنڊ جي وچين علائقن ۾ ٽڪرائجڻ جو امڪان آهي. سامونڊي طوفان سبب ٺٽي، بدين، سجاول، ڪراچي، ٿرپارڪر، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، حيدرآباد، اورماڙه، ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊو محمد خان جا علائقا متاثر ٿيندا جتي تيز هوا سان گڏ تيز برسات جو امڪان آهي. شيري رحمان چيو ته طوفان جي صورتحال کي لڳاتار ??ان??ٽر ڪري رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ اين ڊي ايم اي ۽ لاڳاپيل ادارن وچ ۾ هر 3 ڪلاڪن بعد رابطا اجلاس منعقد ڪيو ??يو ??ڃي جنهن ۾ مقامي علائقائي ۽ عالمي تناظر ۾ صورتحال تي غور ڪيو ??يو ??ڃي، هن چيو ته طوفان جي اثر وارن علائقن ۾ ڪمزور بنيادي ڍانچي، بل بورڊن، ڪچين ڇتن ۽ سولر پينلن کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت خطري جو امڪاني طور شڪار ٿيندڙ علائقن مان عوام کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ قدم شروع ڪيا ويا اهن ۽ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته کليل سمنڊ بابت به هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ملاحن کي ان حوالي سان احتياطي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته لاڳاپيل کاتن ۽ ادارن لاءِ الرٽ به جاري ڪيو ??يو آهي. ان موقعي تي اين ڊي ايم جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سامونڊي طوفان بابت بريفنگ ڏني ۽ ٻڌاو ته موسميات کاتي جي اڳڪٿي بنيادن تي سامونڊي طوفان بابت لاڳاپيل ادارن کي اڳواٽ خبردار ڪيو ??و. طوفان ۾ 5 جون بعد شدت اچڻ شروع ٿي هئي، ۽ ان انتهائي شديد طوفان جي شڪل اختيار ڪئي. هن چيو ته طوفان سان سنڌ جي لاڳاپيل سامونڊي علائقن ??ان علاوه بلوچستان جا ڪجهه علائقا به متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي جنهن جي نظر ۾ رکندي لاڳاپيل ادارن کي الرٽ ڪيو ??يو آهي. هن مقامي ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ قائم ڪيمپن بابت تفصيلي طور آگاهه ڪيو.
سامونڊي طوفان بائيپر جواءِ جي شدت گهٽي آهي، اهو 15 جون تي منجهند جو ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي گجرات جي سمنڊ جي وچين علائقن سان ٽڪرائجي سگهي ٿو: شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : quina acumulada