اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستاني ٽيچر سسٽر زيف کي گلوبل ٽيچر پرائيز 2023ع کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي ان کي پاڪستان جي لاءِ هڪ شاندار لمحو قرار ڏنو آ??ي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي لاءِ هي هڪ شاندار لمحو آ??ي جڏهن سسٽر زيف گلوبل ٽيچر پرائيز 2023ع کٽيو آ??ي. هن چيو ته تعليم منهنجي دل جي تمام ويجهو آ??ي ڇو ته رڳو تعليم ئي اسان کي پاڻ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي ملڪ جي لاءِ اعزاز حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڳتي وٺي وڃي ٿي. هن ا?? قابل قدر ڪاميابي تي سسٽر زيف کي مبارڪباد ڏني. سسٽر زيف جڏهن 13 سالن جي هئي ته هن پٺتي پيل ٻارن جي لاءِ پنهنجي گهر جي اڱ?? ۾ اسڪول جو بنياد رکيو. هوءَ عورتن جي حقن ۽ ٻارن جي تعليم جي وڪيل ۽ حقيقي تبديلي آڻيندڙ عورت آهي. هن کي هي ايوارڊ يونيسڪو جي سهڪار سان ڏنو ويو. هن ايوارڊ جي لاءِ 130 ملڪن مان 7 هزار درخواستون مليون هيون جن مان هن هي ايوارڊ کٽيو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران پاڪستاني ٽيچر سسٽر زيف کي گلوبل ٽيچر پرائيز 2023ع کٽڻ تي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ