اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪينيڊين هائي ڪمشنر ليسلي اسڪينلون وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم ۽ هائي ڪمشنر ڪئناڊا پاڪستان ٻ??رفن لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي ترقياتي پروگر??م، 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ انس??ني امداد، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي سيڙپڪاري خاص طور تي ريڪوڊڪ پراجيڪٽ شامل آهن. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندي حڪومت پاران ترجيحي شعبن ۾ کنيل قدمن خاص طور تي معيشت جي استحڪ??م، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ذريعي پرڏيهي سيڙپڪاري سهولت ۽ غيرقانوني غيرملڪين جي وطن واپسي تي روشني وڌي. ڪينيڊين هائي ڪمشنر پاڪستان حڪومت پاران ڪئناڊا جي افغان ري لوڪيشن پروگرام جي لاءِ ڪيل حمايت کي ساراهيو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪينيڊين هائي ڪمشنر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل