راولپنڊي-27 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان 400 ڪلوميٽرن تا??ين جي مفاصلي تي انتهائي درستگي سان هدفن کي نشانو بڻائڻ واري فتح ٽو ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب هي ميزائل جديد تري?? ايويونڪس، نيويگيشن سسٽم ۽ منفرد اڏام جي صلاحيت سان ليس آهي. هٿيارن جو نظام 400ڪلوميٽرن جي حد تا??ين انتهائي درستگي سان هدفن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ٽنهي هٿياربند فوجن جا سينئر آفيسر، سائنسدان ۽ انجنيئرز فتح ٽو ميزائل تجربي جي موقعي تي موجود هئا. صدر مملڪت، نگران وزيراعظم، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ آرمي چيف فتح ٽو ميزائل جي ڪامياب تجربي تي هٿياربند فوج جي ماهرن ۽ سائنسد??نن کي ??با??ڪون ڏنيون.
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ