اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) شريف ۽ زرداري خاندان سميت ملڪ جي ڪيترن ئي اهم سياستدان جا رت جا رشيدار اڄ خميس ڏينهن ٿيندڙ عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي مختلف تڪن تان اميدوار آهن. مولانا فضل الرحمان ۽ سندس ٻه پٽ، اڳوڻو وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ۽ سندس ٻه پٽ، پنجاب جو اڳوڻو گورنر مخدوم سيد احمد محمود جا ٽي پٽ عام چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. تفصيلن موجب اڳوڻو وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جو قائد محمد نواز شريف قومي اسيمبلي جي تڪ ??ين اي 15 مانسهره ۽ اين اي 130 لاهور تان اميدوار آهي، جڏهن ته سندس ڌيءَ مريم نواز شريف لاهور مان قومي اسيمبلي جي تڪ ??ين اي 119 تان اميدوار آهي. اڳوڻو وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جو صدر شهباز شريف قومي اسيمبلي جي تڪ ??ين اي 123 لاهور ۽ اين اي 132 قصور تان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي، جڏهن ته سندس پٽ حمزه شهباز شريف لاهور مان قومي اسيمبلي جي تڪ ??ين اي 118 تان اميدوار آهي، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي جي تڪ ??ين اي 207 شهيد بينظير آباد تان اميدوار آهي جڏهن ته سندس پٽ ۽ پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اين اي 127 لاهور، اين اي 194 لاڙڪاڻو ۽ اين اي 196 شهدادڪوٽ تان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي. اڳوڻو وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني قومي اسيمبلي جي تڪ ??ين اي 148 ملتان تان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي جڏهن ته سندس پٽ سيد علي موسيٰ گيلاني اين اي 151 ملتان ۽ عبدالقادر گيلاني اين اي 152 ملت??ن مان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. جمعيت علماءُ اسلام (ف) جو سربراهه مولانا فضل الرحمان قومي اسيمبلي جي ٻن تڪن اين اي 44 ڊيره اسماعيل خان ۽ اين اي 265 پشين مان اميدوار آهي جڏهن ته سندس پٽ مولانا اسعد محمود اين اي 43 ٽانڪ ۽ ٻيو پٽ اسجد محمود اين اي 41 لک مروت تان اميدوار آهن. پنجاب جي اڳوڻي گورنر سيد احمد محمود جا پٽ مرتضيٰ محمود اين اي 169 رحيم يار خان، اين اي 173 رحيم يار خان تان سيد مصطفيٰ محمود ۽ اين اي 174 رحيم يار خان تان عثم??ن محمود چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. پنجاب جو اڳوڻو گورنر ذوالفقار خان کوسو جو پٽ دوست محمد خان کوسو اين اي 185 ۽ 186 جڏهن ته سندس پٽ سيف الدين کوسا اين اي 184 ڊيره غازي خان تان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. قصور مان اين اي 134 تان رانا محمد حيات ۽ اين اي 135 تان رانا محمد اسحاق چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن جيڪي ٻئي سڳا ڀائر آهن. قومي اسيمبلي جي تڪ ??ين اي 150 ملتان تان اڳوڻو پرڏيهي وزير شاهه محمود قر??شي جو پٽ زين قر??شي جڏهن ته اين اي 151 ملتان تان سندس ڌيءَ مهر بانو قر??شي چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. قومي اسيمبلي جي تڪ ??ين 94 چنيوٽ تان قيص?? احمد شيخ جڏهن ته اين اي 237 ڪراچي ايسٽ تان سندس پٽ ريحان قيص?? احمد شيخ چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. قومي اسيمبلي جي تڪ ??ين اي 62 گجرات ت??ن موسيٰ الاهي ۽ اين اي 63 تان حسين الاهي اميدوار آهن جيڪي چوڌري وجاهت حسين جا پٽ آهن. قومي اسيمبلي جي تڪ ??ين اي 49 اٽڪ ت??ن ميجر (ر) طاهر صادق اميدوار آهي جڏهن ته اين اي 50 تان سندس ڌيءَ ايمان طاهر چونڊن ۾ حصو وٺي ر??ي آهي. قومي اسيمبلي جي تڪ ??ين اي 43 ٽانڪ ۽ اين اي 41 لڪي مروت تان ترتيبوار انور سيف الله ۽ سليم سيف الله خان اميدوار آهن جيڪي پاڻ ۾ سڳا ڀائر آهن. ان کانسواءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ڪيترائي اميدوار پاڻ ۾ رت جا رشتيدار آهن.
شريف ۽ زرداري خاندان سميت ملڪ جي ڪيترن ئي اهم سياستدان جا رت جا رشيدار عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي مختلف تڪن تي اميدوار طور ميدان ۾ لٿل
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون