اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مز??ورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اڻٿڪ ڪوشش ڪندڙ پورهيتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پورهيت طبقي جي حالتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ??ناسب اجرت، ڪم جي لاءِ ??حفوظ ماحول، صحت جي سهولتن ۽ انهن جي ٻارن کي تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ بابت قدمن جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جو عالمي ڏينهن ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اڻٿڪ ڪوشش ڪندڙ پورهيتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ ??لهايو پيو وڃي. هن سال مز??ورن جي عالمي ڏينهن جو موضوع موسمياتي تبديلين دوران ڪم جي جڳهه تي سلامتي ۽ صحت کي يقيني بڻائڻ آهي، اسان مز??ور جي وقار کي برقرار رکڻ جي عزم جو ورج??ءُ ڪريون ٿا ۽ انهن جي تاريخي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. سندس چوڻ هو ته هي ڏينهن مز??ورن جي حقن، انهن جي سماجي تحفظ، منصفاڻي اجرت ۽ ڪم جي لاءِ ??حفوظ ماحول بابت ڪوششون ڪرڻ جي ياد ڏياري ٿو. صدر چيو ته پاڪستان ۾ مز??ور ۽ پورهيت طبقي کي مهانگائي، زندگي جي ضرورتن جي وڌندڙ قيمتن، بيروزگاري ۽ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن جه??ا چئلينجز درپيش آهن، پورهيت طبقي جي حالتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ??ناسب اجرت، ڪم جي لاءِ ??حفوظ ماحول، صحت جي سهولتن ۽ مز??ورن جي ٻارن کي تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ??دمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته مز??ورن جي استحصال جو خاتمو، سماجي تحفظ جا پروگرام شروع ڪرڻ، حقن جي تحفظ جي لاءِ ??اليسيون لاڳو ڪرڻ ۽ عملدرآمد ۾ رياست جو اهم ڪردار آهي. صدر چيو ته اڄ اسان دل جي گهراين سان ملڪ جي ترقي ۾ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪندڙ پورهيتن جي خدمتن جو اعتراف ڪريون ٿا، خطرناڪ ماحول ۾ ڪم ڪندڙ مز??ورن کي ضروري تربيت ۽ حفاظتي سامان جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي، اميد آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون مز??ورن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ ??نهنجو ڪردار ادا ڪنديون، استحصالي طريقن جي خاتمي ۽ مز??ورن جي لاءِ سماجي تحفظ جا پروگرام شروع ڪرڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان ۾ پورهيت ۽ مز??ور طبقي جي لاءِ اهڙو سازگار ماحول پيدا ڪريون جتي انهن جي قدر ۽ عزت ڪئي وڃي، آجر منصفاڻي اجرت، مز??ورن جي سلامتي ۽ صحت جي لاءِ ??دم کڻن.
صدر پاران مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اڻٿڪ ڪوشش ڪندڙ پورهيتن کي خراج تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان