اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وفاقي حڪومت جي تعاون سان سنڌ پوليس کي ضروري سامان جي فراهم?? يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ترقياتي ڪمن جي رفتار تيز ڪرڻ ??ي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر آصف علي زرداري کي وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ سنڌ جي امن امان جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صدر کي امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نمائندن صدر کي ڪراچي ۾ ڏوهن، ڪچي جي علائقي ۽ صوبي جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري هدايت ڪئي ته شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن جي موثر نگراني جو نظام جوڙيو وڃي. هن ??يو ته ڪراچي سيف سٽي پروجيڪٽ کي هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ ??ي ضرورت آهي. صدر وڌيڪ ??يو ته پوليس چوري ٿيل مال جي موثر ٽريڪنگ ک?? يقيني بڻائيندي مناسب قانوني ڪارروائي ڪري. هن وڌيڪ ??يو ته چيني شهرين جي سيڪيورٽ?? يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر قسم جي معاونت فراهم ڪئي وڃي. صدر ??يو ته ڪچي جي علائقي ۾ آپريشن کي پوري قوت سان جاري رکيو وڃي، ڪچي جي علائقي جي سيڪيورٽي صورتحال بهتر بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ پوليس چوڪيون قائم ڪيون وڃن. آصف علي زرداري هدايت ڪئي ته وفاقي حڪومت جي تعاون سان سنڌ پوليس کي ضروري سامان جي فراهم?? يقيني بڻائي وڃي. هن سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ترقياتي ڪمن جي رفتار تيز ڪرڻ ??ي ضرورت تي پڻ زور ڏيندي ??يو ته سنڌو درياءَ جي ٻنهي ڪپن تي پڻ ترقياتي ڪم شروع ڪيا وڃن، ڪچي جي علائقي ۾ قبائلي مسئلن جي حل لاءِ ڪميونٽي ۽ مقامي اڳواڻن جي مدد ورتي وڃي، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي وچ ۾ ڏوهن جي روڪٿام جي حوالي سان موثر رابطن جي لاءِ نظام تيار ڪيو وڃي. صدر تعليمي ادارن ۾ منشيات جي ڦهلاءُ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ??يو ته ڪراچي شهر کي منشيات کان پاڪ شهر بڻائڻو پوندو، شاگردن جا لازمي ٽيسٽ ڪرائڻ، بحالي مرڪز قائم ڪرڻ ??ي لاءِ خصوصي قانون ٺاهي سگهجي ٿو. هن زور ڏئي ??يو ته سنڌ حڪومت سمورن والدين کي منشيات جي خلاف آگاهي فراهم ڪري.
صدر پاران وفاقي حڪومت جي تعاون سان سنڌ پوليس کي ضروري سامان جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ