ابوظهبي_12 جولاءِ(اي پي پي) گڏيل عرب امارتن جي هوائي ڪمپني اميرٽس نار ملڪن لاءِ چارٽ??ڊ سروس جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، ميڊيا رپورٽن موجب ايمرٽس جي ان چارٽ??ڊ سروس سان سعودي عرب، بحرين، ڪويت،عمان ۽ گڏيل عرب امارتن جي مختلف شهرن لاءِ سفر ڪري سگهبو. دبئي جي آل مڪتوم انٽرنيشنل ايئر پورٽ تان نار سهڪار ڪونسل جي ميمبر ملڪن جي سفر لاءِ وينم 100 ساخت جا جهاز ڀاڙي تي حاصل ڪري سگهبا. انهن ٻن اانجڻين وارن جديد جهازن جن ۾ چئ?? مسافرن جي سفر جي گنجائش آهي ۾ مسافرن کي اڏام دوران کائڻ پيئڻ جون شيون پڻ ڏنيون وينديون، ان سروس شروع ڪرڻ مقصد اهڙن ماڻهن کي سهولت فراهم ڪرڻ آهي جيڪي وڌيڪ مصروف رهندا آهن ۽ آزاد طريقي سان سفر ڪرڻ چاهيندا آهن. ايمرٽس جو چوڻ آهي ته چارٽ??ڊ سروس ذريعي سفر ڪندڙن کي دبئي ايئر پورٽ اچڻ، ڪسٽم ۽ اميگريشن ۾ وي آءِ پي سهولت فراهم ڪئي ويندي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ