نيويارڪ -25 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ??يپ??ٽائيٽس جي خاتمي لاءِ گڏيل قومن جي گروپ آف فرينڊز جي پينل ۾ 2023ع تائين ??يپ??ٽائيٽس جي خاتمي ??ي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. گڏيل قومن جو گروپ اجلاس نيويارڪ ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ صحت جي عالمي ??داري (ڊبليو ايڇ او) جي هدف مطابق 2030 تائين جگر جي مرض ??يپ??ٽائيٽس جي خاتمي لاءِ ڪوششن کي هٿي وٺائڻ تي زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير ??سعود خان ڪئي. اجلاس ۾ ميمبر ملڪن جي صحت وارن وزيرن، نمائندن، ڊبليو ايڇ او جي عهديدارن ۽ گڏيل قومن جي سفيرن شرڪت ڪئي. مسعود خان چيو ته پاڪستان ??يپ??ٽائيٽس جي چئلينج کي منهن ڏيڻ ۽ 2030 تائين ان جي خاتمي ??ي ڊبليو ايڇ او جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اسان جي ترجيحن ۾ نيشنل اسٽريتجڪ فريم ورڪ کي اپ ڊيٽ ڪرڻ، نگراني کي بهتر بڻائڻ، ??يپ??ٽائيٽس بي جي خوراڪ جي ويڪسينيشن کي وڌائڻ، ??يپ??ٽائيٽس سي وائرس (ايڇ سي وي) جي جاچ ۽ علاج جي سهولتن ۾ اضافو ۽ ڪميونٽي تي ٻڌل تنظيمن سان رابطا شامل آهي. انهن قدمن جي لاڳو ٿيڻ سان اسان 2030 تائين ??يپ??ٽائيٽس جي خاتمي ??ي ويجهو پهچي وينداسين. 2022ع ۾ نيشنل ??يپ??ٽائيٽس ايليمينيشن پروفائل (اين ايڇ اي پي) نيشيٽو جي شروعات جي لاءِ عالمي ??طح تي ??يپ??ٽائيٽس جي خاتمي لاءِ اتحاد جو حوالو ڏيندي هن چيو ته پاڪستان 2030 تائين ??يپ??ٽائيٽس سبب متاثر لکين ماڻهن جي سڪريننگ ۽ لکن جو علاج ڪرڻ جو منصوبو رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ??يپ??ٽائيٽس خلاف جنگ ۾ عالمي ??راڪتدارن خاص ڪري گلوبل الائنس فار ويڪسينز اينڊ اميونائيزيشن (گاوي) جي اهم ڪردار کي ساراهي ٿو.
پاڪستان 2030 تائين هيپاٽائيٽس جي خاتمي لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي مضبوط شراڪتداري قائم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: مسعود خان
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم