اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) 41 هزار ميٽرڪ ٽن يوريا جي برآمد جي حتمي تاريخ ۾ 28 فيبروري 2018ع تائين واڌ جي اجازت ڏئي ڇڏي جڏهن ته 35 هزار ميٽرڪ ٽن يوريا جو اضافي مقدار سريلنڪا کي برآمد ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. اي سي سي جو اجلاس وزير??عظ?? شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وزير??عظ?? آفيس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس يونائيٽيڊ ٽاول ا??ڪسپورٽرز لميٽيڊ کي ويسپو گروپ بي وي نيدر لينڊز جي 70 سيڪڙو شيئرز حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي خصوصي غير ملڪي ڪرنسي اڪائونٽ مان 8.425 ملين يورو ڏيڻ جي اجازت ڏيڻ جي تجويز تي منظور ڪري ورتي. اي سي سي سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي کي 4 آءِ پي پيز (ميسرز سيف پاور لميٽيڊ، ميسرز اورينٽ پاور لميٽيڊ، ميسرز سيفائراليڪٽرڪ ڪمپني ۽ ميسرز هلمور پاور جنريشن پاور ڪمپني لميٽيڊ) طرفان آر ايل ا??ن جي تي پيداوار جي لاءِ نظرثاني ٿيل ادائيگ?? شرطن جي حوالي سان عبوري معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو.
وزيراعظم جي صدارت ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون