اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ جي چيئرمين اعجاز احمد قريشي کي وفاقي محتسب جون ذميداريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. سينيٽ ??يڪ??يٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين ان اميد جو اظهار ڪيو ته وفاقي محتسب پنهنجي تجربن ۽ بهترين حڪمت عملي سان فوري ۽ سستي ان??اف جي فراهمي ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪندو، هن چ??و ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سستو ۽ فوري ان??اف جي فراهمي اهم ڪر??ار ادا ڪري سگهن ٿا، عام ماڻهو جي مسئلن جو فوري حل ڪنهن به حڪومت جي اولين ترجيح هوندو آهي، عوام مسئلن جي حل ل??ءِ محتسب جهڙي بهترين اداري سان رجوع ڪن. هن چ??و ته فوري ۽ سستي ان??اف جي فراهمي ۾ وفاقي محتسب جو ڪر??ار مثالي رهيو آهي، عوام کي سستو ۽ فوري ان??اف فراهم ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ۽ خاص طور تي سينيٽ موثر قانونسازي ڪئي آهي، فوري ۽ سستي ان??اف جي فراهمي لاءِ قدم کڻي پوئتي پيل طبقن کي ترقي جي مرڪزي ڌارا ۾ آڻي سگهجي ٿو. سينيٽ جي چيئرمين چ??و ته عوامي شڪايتن جي موثر حل ل??ءِ جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪيو وڃي، وفاقي محتسب پاران مسئلن جي حل ۽ فوري ان??اف جي فراهمي لاءِ کنيل قدم واکاڻ جوڳا آهن. وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو، ملاقات دوران سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر سيد شبلي فراز به موجود هو.
سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ