اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته دنيا ۾ امن يقيني بڻائڻ لاءِ قومن کي پنهنجي مفاد تي ٻڌل قانونن تي عملدرآمد بدران اخلاقيات تي ٻڌل ورلڊ آرڊر کي فروغ ڏيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارليامينٽرين سروسز ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نوجوانن ??و مستقبل روشن آهي، ملڪ کي مستحڪم ڪرڻ ۾ نوجوانن جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پاڪستان وٽ سنهري موقع?? آهي، دنيا ٽيڪنالاجي ۾ تيزي سان ترقي ڪري رهي آ??ي، اسان فيصلاسازي ۾ سستي جو شڪار آهيون، جڏهن ته دنيا جلدي فيصلا ڪري رهي آ??ي جيڪڏهن پارليامينٽ سميت ٻيا فيصلا ساز ادارا فوري فيصلو نه ڪندا ته قوم ترقي نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستان کي تيزي سان ٽيڪنالاجي جي ان رستي کي اختيار ڪرڻو پوندو، ترقي جو اهو واحد رست?? آهي. هن چيو ته جنگ ۽ قتل عام جي تاريخ تمام پراڻي آ??ي، سڀني م??هب?? امن جي تعليم ڏني آ??ي، ضد، انا ۽ ٻين جي خلاف بالادستي جي ڪري جنگيون ٿينديون آهن، يورپ ۾ جنگين کانپوءِ گڏيل قومون وجود ۾ آئي. هن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ ڪشمير جو تڪرار گڏيل قومن ۾ ڀارت کڻي ويو، هن افسوس جو اظهار ڪيو ته دنيا وڏيون جنگيون ڏسڻ جي باوجود ان حقيقت کي نه سڃاتو ته جنگين کان بچڻ گهرجي، دنيا ۾ اخلاقيات ۽ همدردي جا قدر ختم ٿي رهيا آهن، هن چيو ته اسلام مذهب، رنگ ۽ ذات جي فرق کانسواءِ برابري ??و سبق ڏي ٿو. هن چيو ته پاڪستان وٽ عالمي موقعن مان فائدو کڻڻ ??و سنهري موقع?? آهي. هن چيو ته بيورو ڪريسي، پارليامينٽ ميمبرن ۽ دانشورن سميت پاليسي سازن تي اها وڏي ذميداري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي ٽيڪنالاجي جي ترقي مان فائدو کڻڻ لاءِ پنهنجي ذميداري پوري ڪن. هن چيو ته فيڪ نيوز ڪمزور قومن تي حملي جي ذريعي جي طور تي استعال ڪئي وڃي ٿي. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي جعلي خبرن کان پري رهن ۽ پنهنجي هدفن جي رخ تي ان جا منفي اثر پوڻ نه ڏين.
دنيا ۾ امن يقيني بڻائڻ لاءِ قومن کي پنهنجي مفاد تي ٻڌل قانونن تي عملدرآمد بدران اخلاقيات تي ٻڌل ورلڊ آرڊر کي فروغ ڏيڻ گهرجي: صدر
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada