اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان تاجڪستان ۽ تيونس جي پنهنجي هم منصبن پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ڳالهين دوران ٻطرفي لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيال ڪيا ويا، پرڏيهي آفيس موجب تاجڪستان پنهنجي منصب سراج الدين مهر الدين سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ويزن سينٽرل ايشيا پاليسي جي ??ريعي وچ ايشيائي رياستن سان بهتر ۽ نتيجا خيز رابطا قائم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، هن چيو ته اس??ن سياسي، واپاري، سيڙپڪاري، توانائي، سلامتي، دفاع ۽ عوامي رابطن جي فروغ لاءِ پرعزم آهيون، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت، گڏيل وزارتي ڪميشن ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل ورڪنگ گروپس جي موجودگي ٻطرفي لاڳاپن جي ??ستحڪام جو مظهر آهي، پرڏيهي وزير ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اداره جاتي ميڪانزم جي ??جلاسن جي ??اقاعده انعقاد جي ??رورت تي زور ڏنو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي ”ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمينٽ“ کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي ??ميد جو اظهار ڪيو. هن يو ته اسان ڪاسا 1000، منصوبي جي وقت سر پڄاڻي لاءِ پرعزم آهيون، ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ سڌو سنئون اڏامون ٻيهر شروع ڪرڻ جي ??والي سان به خيالن جي ڏي وٺ ٿي، تيونس جي پنهنجي هم منصب عثمان جيرندي سان ملاقات دوران پاڪستان ۽ تيونس جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن مارچ 2021ع ۾ پنهنجي پرڏيهي سيڪريٽرين جي وچ ۾ منعقد ٻطرفي سياسي مشاورت جي ??خري اجلاس ۽ ٻطرفي ترجيحي معاهدن جي ??مڪانن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ٿيندڙ ڳالهين تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل ڪميشن جو جلد ايندڙ اجلاس گهرائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته تيونس جو پرڏيهي وزير ان اجلاس ۾ پاڻ سان گڏ تيونس جو ڪاروباري وفد کي به گڏ آڻيندو. پرڏيهي وزير علائقائي امن ۽ سلامتي جي فروغ ۾ تيونس جي ڪردار ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي ۾ ڪشمير مسئلي تي ان جي مسلسل حمايت کي ساراهيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پنهنجي فوجي، دفاعي ۽ دهشتگردي جي ??اتمي ۾ تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۽ لاڳاپيل معاهدن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ انهن شعبن ۾ پهرين کان موجود بهترين ٻطرفي تعاون کي مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ان کانسواءِ ٻنهي پرڏيهي وزيرن پنهنجي پارلياماني، سياسي، عسڪري ۽ سيڪيورٽي قيادتن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي ??ابطن ?? مٽاسٽا کي برقرار رکن، ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ، ترجيحي واپاري معاهدي تي ڳالهين کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ 2022ع ۾ پاڪ تيونس گڏيل ڪميشن جو جلد اجلاس گهرائڻ تي اتفاق ڪيو.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان تاجڪستان ۽ تيونس جي پنهنجي هم منصبن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔