اسلام آباد – 26 – اپريل (ا?? پي پي) پرڏيهي وزارت ڪراچي ۾ دهشتگرداڻي حملي جي سخت مذمت ڪندي قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسان ڪراچي ۾ ٿيندڙ قابل مذمت دهشتگرداڻي حملي جي شديد مذمت ڪريون ٿا جنهن ۾ ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ ۾ ڪم ڪندڙ چيني ش??ري?? سميت معصوم جا??ين جو نقصان ٿيو آهي، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ان واقعي ۾ پنهنجي جا??ين تان هٿ ڌوئيندڙ متاثرين جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪريون ٿا، ترجمان چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهن ته جيئن جوابدارن جي گرفتاري ۽ کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهجي، بيان ۾ چيو ويو ته مقامي عملدارن زخمين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪ??ي رهيا آهن، ترجمان چيو ته اهو بزدلاڻو واقعو پاڪ ??ين دوستي ۽ جاري تعاون تي سڌو سنئون حملو آهي، پاڪستان ۽ ??ين ويجها دوست ۽ مضبوط ڀائر آهن، ترجمان چيو ته پاڪستان ملڪ ۾ چيني ش??ري??، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو.
پرڏيهي وزارت پاران ڪراچي ۾ دهشتگرداڻي حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں