اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وز??را??ظم شهباز شريف چين پاڪستان مثالي دوستي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت چيني ڪمپني پاران بيمارين جي سڃاڻپ، بچاءُ ۽ علاج لاءِ جوائنٽ وينچر تحت سيڙپڪاري جي آڇ جي آجيان ڪري ٿي، ان ڏس ۾ حڪومت هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، صحت واري وزير ان باري ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪري ته جيئن منصوبي تي جلد ڪم شروع ٿي سگهي. وز??را??ظم آفيس ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وز??را??ظم شهباز شريف سان چيني ڪمپني سينوويڪ جي وفد م??اقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪيانگ گواو جنرل مينيجر سينوويڪ، ڊائريڪٽر انٽرنيشنل بزنس ڪيون زينگ، صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ ميجر جنرل پروفيسر عامر اڪرام ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وز??را??ظم کي ڪووڊ – 19 ويڪسينيشن مه?? دوران سينوويڪ پاران پاڪستان کي فراهم ڪيل ويڪسين جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، ان کانسواءِ سينوويڪ پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري بيمارين جي سڃاڻپ، بچاءُ ۽ علاج لاءِ هڪ جوائنٽ وينچر بڻائن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ويو. وز??را??ظم چين پاڪستان مثالي دوستي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته حڪومت چيني ڪمپني پاران سيڙپڪاري جي ان آڇ جي آجيان ڪري ٿي ?? ان حوالي سان هر قسم جو تعاون فراهم ڪندي. وز??را??ظم صحت واري وفاقي وزير کي ان حوالي سان فوري طور تي هڪ ٽاسڪ فورس بڻائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن سينوويڪ ڪمپني جلد ان منصوبي تي ڪم شروع ڪري سگهي. وز??را??ظم چيو ته ملڪ ۾ سڌو سنئون ٻاهرين سيڙپڪاري وڌائڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. پاڪستان ڪووڊ- 19 جي دوران چيني تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.
حڪومت چيني ڪمپني پاران بيمارين جي سڃاڻپ، بچاءُ ۽ علاج لاءِ جوائنٽ وينچر تحت سيڙپڪاري جي آڇ جي آجيان ڪري ٿي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2