اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان ڏينهن رات محنت ڪري پاڪستان جي تقدير بدلائينداسين، بهاره ڪهو باءِ پاس جو منصوبو ڏينهن رات هڪ ڪري چئن مهينن ۾ مڪم?? ڪيو وڃي، اسلام آباد انٽرسٽي بسن جو منصوبو هڪ مهيني ۾ مڪم?? ڪيو وڃي، اسان کي محنت سان ??اڪستان جو وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪرڻو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي راول چوڪ فلائي اوور اسلام آباد جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم سان گڏ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن حنيف عباسي، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، ملڪ ابرار، اسيمبلي ميمبر طاهره اورنگزيب، زهره ودود فاطمي، طارق فاطمي، دانيال چوڌري، سي ڊي اي، ايف ڊبليو او ۽ ٻين ادارن جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. منصوبي سان راولپنڊي ا??لام آباد جا شهري فائدو کڻندا ۽ ٽريفڪ جي وهڪري ۾ آساني ٿيندي. سي ڊي اي چيئرمين عامر احمد علي پاران بريفنگ ڏيندي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اورنج لائين بسن جو انگ شروع ۾ 15 هو جيڪو هاڻي وڌي 35 ٿي ويو آهي. وزيراعظم جي هدايت تي ميٽرو بسن جي انگ ۾ 20 بسن جو اضافو ڪيو آهي. هاڻي ٽي وڌيڪ بس سروس جي پڻ شروعات ڪئي پ??ي وڃي، ان ۾ هڪ سروس ترامڙي کان آبپاره پارڪ روڊ، واهه ڪينٽي رستي کان ??يندي اين 5 ۽ کنا کان ??يلور شامل آهي. راول روڊ فلائي اوور کي مڪمل ڪري ورتو آهي، ٻن ڦاڪن واري انڊر پاس کي 20 کان 25 ڏينهن ۾ مڪمل ڪنداسين. سي ڊي اي رهائشي منصوبن تي پڻ تيزي سان عمل ڪري رهيو آهي، بهاره ڪهو باءِ پاس جي تعمير جي سيپٽمبر جي پهرين هفتي ۾ ايف ڊبليو او شروعات ڪندي. ان ??وقعي تي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي هتي موجود سڀني شرڪت ڪندڙن کي آزادي جي ڏهاڙي جي مبارڪباد هجي، اسان جي بزرگن قائداعظم جي عظيم قيادت ۾ لکين جانين جا نذرانا پيش ڪري خداداد مملڪت پاڪستان حاص?? ڪيو، اڄ ان جي 75 هين سالگرهه آهي ۽ پوري قوم اهو ڏينهن وڏي اهتمام ۽ جوش جذبي سان ??لهائي رهي آهي. برساتن جي باوجود ايتري وڏي انگ ۾ توهان جي هتي موجودگي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اڄ جي ڏينهن پاڪستان جو آزادي جو ڏهاڙو ملهائيندي ان ڏينهن کي گواهه بڻا??ي وچن ڪريون ته جهڙي طرح قائداعظم ۽ لکين مسلمانن تحريڪ هلائي اهڙي طرح اسان اڄ پڪو ارادو ڪري پاڪستان جي تقدير بدلائينداسين ۽ پاڪستان کي ان جو وڃايل مقام ڏيارينداسين. وزيراعظم چيو ته راول چوڪ فلائي اوور جو منصوبو ڪيترن ئي سالن کان سستي جو شڪار هو، ان ۾ تيزي آندي وئي ۽ اڄ اهو پڄاڻي جي مرحلي ۾ آهي جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي، ڪاش اسان سڄي ملڪ ۾ منصوبن کي انهي تيزي سان ??مڪل ڪريون. هن چيو ته اسان ڏينهن رات محنت ڪريون، گڏجي هن ملڪ جي تقدير بدلايون. آئون عامر علي ۽ سندس ٽيم، ايف ڊبليو او جي ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ??و. هن چيو ته ڪاش نيون بسلون اڳ ۾ گهرايون وڃن ها ته اڄ اهي معاملا ايترا ڳنڀير نه هجن ها، تنهن هوندي به اها دير وڌيڪ نه آهي توهان سٺو ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ انٽرسٽي بسون هلائڻ جو ڪم هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪريو، راول چوڪ انڊر باس کي جلد مڪمل ڪريو. هن چيو ته بهاره ڪهو باءِ پاس کي مڪمل ڪرڻ بابت مون کي تفصيلي بريفنگ ڏيو، جيڪڏهن 24 ڪلاڪ ڪم ڪري ان ??نصوبي کي چئن مهينن ۾ مڪمل ڪريو جيڪو ممڪن آهي ته ان تي سي ڊي اي چيئرمين کي تمغه امتياز ڏينداسين. هن چيو ته اسان ??ڏا وڏا منصوبا پوري ملڪ ۾ گهٽ کان گهٽ مدي ۾ مڪم?? ڪيا آهن ۽ وڌيڪ ٺاهينداسين.
اسان ڏينهن رات محنت ڪري پاڪستان جي تقدير بدلائينداسين، بهاره ڪهو باءِ پاس جو منصوبو ڏينهن رات هڪ ڪري چئن مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار