ڪراچي / اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پاڪ??تا?? پيپلزپارٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير ب??او?? ڀٽو زرداري چيو آهي ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي طاقت جي علامت هو، ان جو نظريو، جدوجهد ۽ قرباني لازوال آهي. ميڊيا سيل ب??او?? هائوس پاران جاري ڪيل پيغام موجب قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 95 هين ولادت جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چي?? ته ڀٽو هڪ نظريو آهي، جنهن کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪندڙ تاريخ ۾ بي نام ۽ نشان خاڪ بڻجي ويا، جڏهن ته ڀٽو جو نالو اڄ به پاڪ??تا?? جي گهٽين چوڪن سميت دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ گونجي ٿو. چيئرمين ب??او?? ڀٽو زرداري چي?? ته قائداعظم محمد علي جناح کانپوءِ قائد عوام قوم جو مقبول ترين ليڊر هو، جنهن پنهنجي خلوص، تدبر ۽ محنت جي ذريعي ملڪ کي سياسي، معاشي ۽ معاشرتي لحاظ سان اڳتي وڌايو. هن چي?? ته شهيد ڀٽو عوام کي سياسي شعور ڏنو ۽ بااختيار بڻايو، ملڪ کي پهريون متفقه آئين ۽ ائٽمي پروگرام ڏنو، پاڪ??تا?? کي اسلامي دنيا جو م??ڪز بڻايو ۽ پاڪ – چين لاڳاپن جو بنياد رکيو. هن چي?? ته پاڪ – چين لاڳاپن کي هڪ اڻٽٽ دوستي ۾ تبديل ڪرڻ به چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو جي سُڃاڻپ آهي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چي?? ته قائد عوام بطور ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم پاڪ??تا?? ۾ مزدورن کي ٽريڊ يونينز جوڙڻ جو حق ڏنو ۽ مزدور دشمن پاليسين جو خاتمو ڪيو. زرعي سڌارا ڪري بي زمين هارين کي زمينون ڏنيون ۽ غريبن کي گهرن جو مالڪ بڻايو. چيئرمين ب??او?? ڀٽو زرداري چي?? ته قائد عوام جي نظريي کي فروغ ۽ ان جي مشن کي پڄاڻي تائين پهچائڻ جي لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو سڄي زندگي جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجي حياتي تائين جي پرواهه نه ڪئي. هن ان عزم کي ورجاي?? ته هو پنهنجي پارٽي جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نظريي ۽ مشن جي روشني ۾ 1973ع جي آئين جي حفاظت، جمهوريت کي مضبوط، رواداري ۽ برابري کي فروغ ۽ پاڪ??تا?? کي اسلامي دنيا جو رول ماڊل ترقي يافته ملڪ بڻائڻ جي جدوجهد کي منزل تي پهچائي ئي سک جو ساهه کڻندو.
قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي طاقت جي علامت هو: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena