اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي ٽيليفون ڪري زلزلي سبب ٿيندڙ تباهي تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ترڪيه جي صدر سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چيو ته هو قيمتي ان??اني جا??ين جي زيان تي تمام گهڻو ڏکويل آهي ۽ ڏکويل خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان پنهنجي ترڪيه ڀاءُ ۽ عوام سان گڏ آهي. هن چيو ته زلز??ي جي تباهي کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان ڀرپور تعاون ڪندي. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلين جي تباهي جي شدت وڌي رهي آهي، قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تباهي ڪنهن سرحد، خطي ۽ مخصوص قوم تائين محدود نه آهي. هن مارجي ويلن جي مغفرت، پونئيرن جي لاءِ صبر جميل ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ٽيليفون ۽ حمايت ڪرڻ تي وزيراعظم شه??از شريف جا ٿورا مڃيندي چيو ته هو وزيراعظم ۽ پاڪستاني عوام جي جذبن جو قدر ڪري ٿو.
وزيراعظم پاران ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي ٽيليفون، زلزلي سبب ٿيندڙ تباهي تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے