اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي تر?? صدر ر??ب طيب اردوان ٽيليفون ڪري يونان ويجهو روم سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي ۾ پاڪستانين جي فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تر??يه جي صدر ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيندڙ پاڪستانين جي گهرڀاتين جي لاءِ تر??يه حڪومت ۽ عوام پاران همدرديءَ جو پيغام پهچايو. صدر ر??ب طيب اردوان واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم تعزيت ۽ همدرديءَ جي جذبن تي تر?? صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام تر?? صدر ۽ تر?? عوام جي جذبن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ