اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ پاڪستان ايجوڪيشن انڊوو??نٽ فنڊ ۽ قومي نصاب ۾ سڌارن جي شروعات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان جڏهن خادم اعليٰ پنجاب هو، تڏهن هن پنجاب ايجوڪيشن انڊوو??نٽ فنڊ جو بنياد رکيو هو، وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ هن پاڪستان انڊوو??نٽ فنڊ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هلندڙ سال ان فنڊ مان 12 هزار باصلاحيت ۽ مستحق شاگرد ۽ شاگردياڻيون فائدو کڻندا جنهن ۾ 50 سيڪڙو ڪوٽا عورتن جي لاءِ رک?? وئي آهي. ايندڙ چار سالن ۾ ان فنڊ مان 10 ارب رپين جا وظيفا ميرٽ تي ڏنا ويندا. وزيراعظم اڄ قومي نصاب ۾ پاڪستان جي آئين ۽ ڪمپيوٽر ڪوڊنگ جي شموليت جي پڻ شروعات ڪندو. ان سان نه رڳو پاڪستان جي نئين نسل آئين ۾ ڏنل پنهنجي بنيادي حقن بابت آگاهه ٿيندي پر ان سان گڏوگڏ ڪوڊنگ جهڙي جديد هنر حاصل ڪرڻ سان عالمي ??طح تي افرادي قوت جي مقابلي ۾ روزگار جا بهتر موقعا حاصل ڪري سگهندي. ان موقعي تي وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو.
وزيراعظم پاڪستان ايجوڪيشن انڊوومنٽ فنڊ ۽ قومي نصاب ۾ سڌارن جي شروعات ڪندو
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ