اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جاپان ڊفينس فورسز ڊي 2023ع جي موقعي تي جاپان حڪومت ۽ جاپان جي عوام کي مبارڪباد ڏيند?? چيو آهي ته پاڪستان ۽ جاپان جا دفاعي لاڳاپا مضبوط ٿي ر??يا آهن. اها ڳالهه هن 69 هين جاپان ڊفينس فورسز ڊي 2023ع جي موقعي تي جاپان جي سفير واڊا مٽسوهيرو پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت جي موقعي تي چئي. آجياڻي ۾ عسڪري عملدارن، نگران وفاقي وزيرن، پارليامين?? ميمبرن، سفارتڪارن سميت ٻين ماڻهن شرڪت ڪئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته جاپان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دفاعي مٽاسٽا ۾ اڳڀرائي ڏسي خ??شي ٿي آهي. ان موقعي تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير پاڪستان ۾ مقرر جاپان جي سفير ۽ ٻين س??ن گڏ 69 هين جاپان ڊفينس فورسز ڊي 2023ع جي مناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی