واشنگٽن-02 جنوري (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان ج?? سفير مسعود خان پاڪستاني ڄاون آمريڪي واپارين کي ٻُڌا??و ته پاڪستان ۾ آمريڪي سيڙپڪاري وڌائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن ڪيليفورنيا ۾ قائم پاڪستان آمريڪن چيمبر آف ڪامرس جي چيئرمين وقار علي خان ج?? اڳواڻيءَ ۾ ورچوئل ميٽنگ دوران چ??و ته اسان ج?? اولين ترجيح پاڪ- آمريڪا لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستان ۾ آمريڪي سيڙپڪاريءَ کي وڌائڻ آهي. موجوده حڪومت مالياتي ادارن کي ملڪي معيشت جي سمورن شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ س??ولتون فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ پُرڪشش مراعتون به ڏئي رهي آهي. هن چ??و ته نئين قائم ڪيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ پاڪستان ۾ منافعي بخش ڪاروبار شروع ڪرڻ جي راهه ۾ موجود رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. هن واپاري سرگرمين کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن ج?? ڪاروباري برادرين جا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ کي ڪردار کي ساراهيندي پاڪ- آمريڪا واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ آمريڪا ۾ قائم ڪندڙ مختلف چيمبرز ۽ واپاري تنظيمن وچ ۾ وڌ ۾ وڌ تعاون ج?? ضرورت تي زور ڀريو.
پاڪستان ۾ آمريڪي سيڙپڪاري وڌائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: مسعود خان
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais