اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ جا ??وجوان تعليم، ڏاهپ ۽ اعليٰ اخلاق جي ذريعي قوم جي تقدير بدلائي سگهن ٿا، پاڪستان کي مسئلن جي حل لاءِ قيادت ۽ ڏاهپ جي صحيح استعمال جي ضرور?? آهي ۽ ملڪ جا ??وجوان اهو ڪردار ادا ڪرڻ جي پوري صلاحيت رکن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن علامه اقبال اوپن يون??ور??ٽي جي ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ??در چيو ته چين جي ترقي تعليم ۽ صحت جي بنياد تي ٿي، پاڪستان کي به تيز رفتار ترقي جا ??دف حاصل ڪرڻ جي لاءِ چيني ماڊل تي عمل ڪرڻ جي ضرور?? آهي. هن چيو ته رڳو وسيلن سان ملڪ ترقي نه ٿا ڪن پر انساني وسيلن ۽ صحيح فيصلن سان قومن جي تقدير بدلائي وڃي ٿي. يون??ور??ٽي جي ڪامياب گريجوئيٽس کي ملڪ جي اشرافيه قرار ڏيندي ??در چيو ته انهن کي اهڙي ملڪ ۾ گريجوئيٽ ڊگري حاصل ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو آهي جتي 44 سيڪڙو يعني اٽڪل 26 ملين کان وڌيڪ ٻار اڃا تائين اسڪول نه ٿا وڃي سگهن. خطي سان ڀيٽ ڪندي هن چيو ته سمورن علائقائي ملڪن ۾ اسڪول ويندڙ ٻارن جو تناسب 98 سيڪڙو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ وڌيڪ 50 هزار اسڪولن جي ضرورت پوندي جيڪو ملڪ ۾ وسيلن جي دستيابي کي نظر ۾ رکندي آسان ڪم نه آهي. هن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ ملڪ ۾ اٽڪل ٽي لک مسجدن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. ??در ڊاڪٽر عارف علوي ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته جمهوريت ۽ انسانيت جي چيمپيئن هجڻ جي دعويدار ترقي يافته دنيا انساني همدرديءَ جو جذبو وڃائي چڪي آهي، دنيا هاڻي مفادن تي هلي رهي آهي جيئن ته غزه جي معصوم ماڻهن تي ڪيل ظلمن تي اولهه پاران ڪنهن همدرديءَ جو مظاهرو نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي گڏيل قومن جي پليٽ فارم تان ڪشمير مسئلي جي حل جي اميد آهي پر 70 سال گذري وڃڻ جي باوجود اهو مسئلو اڃا تائين حل ناهي ٿي سگهيو. ??در يون??ور??ٽي جي ڪامياب گريجوئيٽس کي نصيحت ڪئي ته اهي پنهنجي عملي زندگي ۾ علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد جاري رکن. هن عورت گريجوئيٽس کي به چيو ته اهي شادي کانپوءِ گهر ويهي پنهنجي تعليم کي ضايع نه ڪن پر اڄ جي ٽيڪنالاجي جي دور ۾ عورتون پنهنجي ملازمت ۽ گهريلو ڪم آساني سان سرانجام ڏئي سگهن ٿيون. ??در چيو ته حڪومتجي وقت ۽ دانشمنداڻي حڪمت عملين جي ڪري پاڪستان کي ڪوويڊ 19 دوران دنيا جو پنجون بهترين ڪارڪردگي وارو ملڪ قرار ڏنو ويو. 1970ع جي ڏهاڪي ۾ علامه اقبال اوپن يون??ور??ٽي قائم ڪرڻ جي فيصلي کي ساراهيندي ??در چيو ته يون??ور??ٽي خاص طور تي ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ ماڻهن کي تعليم ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان کان اڳ ??در يون??ور??ٽي جي ڪامياب شاگردن کي ڊگريون ۽ ميڊلز پڻ ڏنا. ان موقعي تي علامه اقبال اوپن يون??ور??ٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ناصر محمود پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هيستائين اٽڪل 50 لک شاگرد يون??ور??ٽي مان فارغ التحصيل ٿي چڪا آهن. هن ٻڌايو ته اوپن يون??ور??ٽي کدڙن فقيرن، جيل جي قيدين ۽ شهيدن جي ٻارن کي مفت تعليم فراهم ڪري رهي آهي.
ملڪ جا نوجوان تعليم، ڏاهپ ۽ اعليٰ اخلاق جي ذريعي قوم جي تقدير بدلائي سگهن ٿا: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار