گڏيل قومون-29 مارچ (اي پي پي)انصاف جي عالمي ??دا??ت (آءِ سي جي) غزه ۾ خوراڪ پهچائڻ کي نه روڪڻ جي اسرائيلي ??عو??ٰ جي واضح ۽ قانوني طور تي مذمت ڪندي اسرائيل کي حڪم ڏنو آهي ته هو غزه ۾ خوراڪ جي امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي اجازت ڏي ۽ هڪ مهيني اندر سمورن قدمن جي رپورٽ آءِ سي جي کي پيش ڪري. دي هيگ ۾ قائم انصاف جي عالمي ??دا??ت حڪم ڏکڻ آفريقا طرفان ڪيل تازي درخواست جي جواب ۾ جاري ڪيو، جنهن ڊسمبر ۾ اسرائيل تي غزه ۾ نسل ڪشي جو الزام لڳائيندي ڪيس پيش ڪيو هو. ??دا??ت جي ججن جي هڪ پينل اهو فيصلو جنوري ۾ هڪ هنگامي ??دم کانپوءِ جاري ڪيو هو جنهن ۾ اسرائيل کي هنگامي امداد جي فراهمي جو پابند ڪيو ويو هو. ججن چيو ته غزه ۾ فلسطينين کي بدترين حالتون درپيش آهن ۽ ڏڪار ۽ بک پکڙجي رهي آهي، ججن چيو ته ??دا??ت مشاهدو ڪيو آهي ته غزه ۾ فلسطيني شهري ڏڪار جي ڪناري تي پهچي ويا آهن. ??دا??ت پنهنجي قانوني طور تي پابند حڪم ۾ اسرائيل کي چيو ته هو بنا ڪنهن دير جي گڏيل قومن سان مڪمل تعاون کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا ضروري ۽ موثر قدم کڻي جنهن ۾ فوري طور تي گهربل بنيادي خدمتون ۽ انساني امداد لاءِ سمورن لاڳاپيل ماڻهن طرفان وڏي پئماني تي خوراڪ، پاڻي، ٻارڻ ۽ طبي سامان جي بنا رڪاوٽ فراهمي شامل آهي.
اسرائيل غزه ۾ خوراڪ جي امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي اجازت ڏي: انصاف جي عالمي عدالت جو حڪم
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث