پيانگ يانگ -10 سيپٽمبر (اي پي پي) اتر ڪور??ا جي سربراهه ڪم جونگ اِن چيو آهي، ته سندس ملڪ ايٽمي طاقت جي تعمير لاءِ هڪ پاليسي تي عمل پيرا آهي ته جيئن ايٽمي هٿيارن جي تعداد ۾ اضافو ڪري س??هج??. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن اها ڳالهه سومر تي رات جو اتر ڪور??ا جي سالياني يادگار تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪِم جونگ اِن مطابق سندس ملڪ کي پنهنجي ايٽمي صلاحيتن کي و??ائڻ گهرجي ۽ ان جي استعمال کي تيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن رياست ??ي سيڪيورٽي حقن جي ضمانت ڏئي س??هج??. ڪِم واضح ڪيو ته آمريڪا ۽ ان جي حمايتن جي صورت ۾ موجود مختلف خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مضبوط فوجي وجود جي ضرورت آهي. ٻئي پاسي ڏکڻ ڪور??ا جي دفاع واري وزارت اڱاري ڏينهن ٻيٽ نما ڪورا ۾ گڏيل قومن جي قيادت ۾ شامل ميمبر ملڪن سان گڏ هڪ اجلاس منعقد ڪندي. اتر ڪوريا گڏيل قومن جي ڄاڻايل قيادت تي تنقيدي ڪندي ان کي ”غيرقانوني جنگي تنظيم“ قرار ڏنو هو. يانگ يانگ حڪومت ٻنهي ڪوريائن ??ي سرحد تي مقرر گڏيل قومن جي انتظام هيٺ فورس ۾ جرمني جي شامل ٿيڻ تي تنقيد ڪندي چيو ته ان اڳڀرائي سان ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي.
ايٽمي هٿيارن ۾ اضافي ۽ انهن جي استعمال جي تياري ڪري رهيا آهيون: اتر ڪوريا
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا